پاڪستان |
آذربائيجان |
---|
آذربائيجان-پاڪستان لاڳاپا (انگريزي ٻولي: Azerbaijan–Pakistan relations) آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پرڏيهي لاڳاپا آهن. باڪو ۾ پاڪستان جو هڪ سفارتخانو آهي ۽ آذربائيجان جو اسلام آباد ۾ هڪ سفارتخانو آهي.ٻنھي قومن کي "اِسٽريٽيجڪ ڀائيوار" سمجهيو ويندو آهي[1] ۽ آذربائيجان پاڪستان جو سيڪيورٽي تعاون فوجي شعبو کان وٺي فوجي لاڳاپن تائين ۽ سيڪيورٽي ايجنسين جي وچ ۾ پڻ تعاون وڌائي ٿو.
ٻنهين رياستن جي وچ ۾ جديد لاڳاپا تڏهن قائم ٿيا جڏهن، 9 جون، 1992 ع تي، سوويت يونين جي انت اچڻ کانپوءِ جمهوريا آذربائيجان آزاد ٿيو.[2] جِن مُلڪن آذربائيجان کي آزاد مُلڪ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو هيو، پاڪستان انهن ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيو، ۽ پاڪستان آذربائيجان کي 12 ڊسمبر 1991 تي تسليم ڪيو هيو.[3] ٻنهين قومن جي وچ ۾ واپار ۽ تعاون لاڳاتار وڌي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي بهتر بڻائڻ جي طريقن تي ڪيتريون ئي گڏجاڻِيون ٿيون آهن.
ٻنهين مُلڪن جي آفيشلز مارچ 2013 ۾ چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان هڪٻئي جي وچ ۾ "اِسٽريٽيجڪِ ڀائيواري جي لاڳاپن منجهان لطف" ٿيا آهن.[4]
فاروق لغاري 1995 ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندڙ پهريون صدر هيو. هڪ سال کانپوءِ، حيدر علئيف اسلام آباد جي دؤرو تي آيو.حيدر علئيف ۽ پاڪستان جي وزير اعظم - بينظير ڀٽو جي وچ ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون، جِن ۾ 9 معاهدن تي دستخط ڪيا ويا، جيڪي سفارتي لحاظ کان گهڻا اهم هيا.[5]
2002 ۾ ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تعاون جي معاهدي جو نتيجو ڪڍيو ويو.
1995 ع واري سرءُ جي مُند ۾، ٻنهين ملڪن واپار ۽ معيشت جي شعبي ۾ تعاون ۽ رياستي سطح تي گڏيل ڪميشن جي قيام تي سان لاڳاپو رکندڙ هڪ پروٽوڪول تي دستخط ڪيا. مٿي ذڪرڪيل ڪميشن جون گڏجاڻيون ٻنهي ملڪن جي راڄِڌَاني شهرن ۾ هر 2 سال کانپوءِ منعقد ڪيون وينديون آهن.
2005 ۾، نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي هڪ شاخ (بِرانچِ) باڪو ۾ کولي وئي.[6]
آذربائيجان جي ايف-17 ٿنڊر فائٽر ويڙهاڪو بمبار جهازَ کي خريد ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان ڳالهايوآهي.[6] [7]
پاڪستان انهن ٿورڙن مُلڪن منجهان آهي جِن خوجالي قتل عام کي تسليم ڪيو آهي،[7] جيڪو آذربائيجان جي ماڻهن خلاف نسلي قتل عام آرمينيا طرفان ڪرايو ويو هيو.[8][9]
اپريل 08، 2015 تي، آذربائيجان بين الاقوامي ترقياتي ايجنسي (AİDA) وسيلي پاڪستان جي مختلف شهرن جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 2014 جي آڪٽوبر واري مهيني ۾ آيل ٻوڏِ جي آفتن جي متاثرن کي انساني امداد جي فراهمي ڪئي وئي.[10]
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهبي ۽ ثقافتي شعبي ۾ پڻ آهستي آهستي ترقي ڪن ٿا
باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني-اردو ٻولي جو هڪ خاص شعبو آهي.
آذربائيجان ۾ اسلامي جمهوريا پاڪستان جي اختيار ڏنل نمائندي سفير سئيد خان مهمند آهي[11] جڏهن تہ پاڪستان ۾ جمهوريا آذربائيجان جي اختيار مليل سفير ڊشگين شيکاروف آهي.[12]
|url-status=
ignored (مدد)
|url-status=
ignored (مدد)سانچو:Foreign relations of Pakistan سانچو:Foreign relations of Azerbaijan