حيدرآباد ايڪسپو سينٽ | |
جاءِ | ڦليلي, شاهراءِ فيصل, حيدرآباد، سنڌ, پاڪستان |
---|---|
مقانيت | 25°24′18.1″N 68°23′11.3″E / 25.405028°N 68.386472°E |
مالڪ | حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن |
قسم | ڪانفرنس سينٽر/ارينا |
قسم | نمائشون, ڪانفرنس |
اڏاوت | |
اڏاوتي تڪميل | 12 فيبوري، 2010 |
مسواڙي | |
ويب سائيٽ |
حيدرآباد ايڪسپو سينٽر(انگريزي: Hyderabad Expo Center) ، هاڻ ختم ٿيل ضلعي حڪومت حيدرآباد جي ميئر ڪنور نويد جمل جوڙائي هئي. هن سينٽر جو مقصد سنڌ صوبي جي حيدرآباد ضلعي جي زرعي ۽ صنعتي پيداوار کي عالمي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائڻ هو.
حيدرآباد ايڪسو سينٽر ڦليلي واهه جي ڪپ تي لياقت ڪالوني جي ويجهو واقعي آهي. آڪٽوبر 2002ع تي سنڌ جي گورنر ميان محمد سومرو اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت ايڪسپو سينٽر جي تعمير لاءِ 4 هزار چورس گز زمين فرهام ڪندي.[1] جيتوڻڪ ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۽ لاهور ايڪسپو سينٽر ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان طرفان جوڙيا ويا جيڪو وفاق حڪومت جي وزارت آهي، پر حيدرآباد ايڪسپو سينٽر، پنهنجي نوعيت جي پهرين ايڪسپو سينٽر آهي. [2][3]جيڪا ضلعي حڪومت پنهنجي خرچ مان جوڙائي. هن مرڪز جو افتتاح 12 فيبروري 2010ع تي فاروق ستار ڪيو. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ٽن ايڪسپو سينٽرن مان حيدرآباد ايڪسپو سينٽر هڪ آهي. 2010 ع تائين هن ايڪسپو سينٽر ذريعي 500 ملين ڊالر جون جنسون حيدرآباد کان دنيا جي 41 ملڪن ۾ وڪرو ڪيون ويون. ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ايڪسپو سينٽر سنڌ جو وڏي ۾ وڏو تجارتي مرڪز آهي.
21 فيبروري 2010ع تي انڊونيشيا، سنڌ ثقافتي نمائش حيدرآباد ايڪسپو سينٽر تي منعقد ٿي، جنهن جي ذريعي پاڪستان ۽ انڊونيشِا جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي آئي. [4] هڪ ٻي نمائش حيدرآباد ايڪسپو ۾ 16 اپريل 2010ع تي منعقد ٿي، جنهن سنڌ جي مختلف ضلعن کان زرعي ۽ صنعتي پيداوار جون جنسون رکيون ويون. 2012ع تي ٿيل نمائش کاڌي پيتي، مالوند ماڻهن، هٿ جي هنر ۽ اليڪٽرانڪ جي شين جي متعلق هئي. هن نمائش ۾ چيني واپارين پڻ شرڪت ڪئي.[5][6] جون 2011ع تي انبن جي نمائش حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس ۽ ٽريڊ ڊولپمنٽ اٿارٽي آف پاڪستان پاران حيدرآباد ايڪسپو سينٽر تي منعقد ڪئي وئي، جتي انب جي برآمد لاءِ ڪمپنين کي اتساهيو ويو.[7] نومبر 2017ع تي حيدرآباد جي ڊپٽي ڪميشنر ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڪسپو سينٽر تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي، صنعتي ۽ ذرعي ترقي جي ميدان ۾ حيدرآباد ڀاڱي ڀائيوار ٿئي.[8]