خوجڪي رسم الخط (Khojki Script) بہ سنڌي رسم الخط جو پراڻو نمونو آهي، جنهن ۾ اسماعيلي خوجن جو مذھبي ادب لکيو ويو آهي. اھا لپي پير صدر الدين ايجاد ڪئي، يا ان ۾ اصلاح ڪئي. ان کي ”چاليھ اکري“ يا ”پير صدر الدين (1290-1409ع) جي سنڌي“ يا ”خوجڪي سنڌي“ بہ چيو وڃي ٿو. خوجڪي سنڌي خصوصي طور تي خوجا ڪميونٽي استعمال ڪندي آھي. جيتوڻيڪ اسماعيلي خوجن جو تعلق ايران-سينٽرل ايشيا سان هو، پر سنڌ ۾ انهن جي تبليغ جو ذريعو مقامي ٻولي هئي جنهن ڪري سندن رسم الخط ۽ ادب جو اثر سنڌ ۾ بہ ٿيو. خوجڪي رسم الخط جو تعلق کاٻي هٿ کان شروع ٿيندڙ رسم الخط سان آھي، جنهن جي الفابيٽ ۾ ماترائون ناگري لپيءَ وانگر لڳايون وينديون آھن، خوجڪي رسم الخط ۾ لکيل ڪيتروئي مواد موجود آهي، جنھن ۾ گنان به اچي وڃن ٿا.[1]