رتوديرو Ratudero | |
---|---|
شھر | |
![]() شاھ لطيف پبلڪ لائبريري رتوديرو | |
پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°48′5″N 68°18′40″E / 27.80139°N 68.31111°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو |
رتودیرو شھر لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتوديرو جو صدر مقام آهي. ھي شھر لاڙڪاڻي شھر کان 28 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.
ھن شھر جو پراڻو نالو رتن ديرو ھيو جيڪو بعد م رتوديرو ٿي ويو. ھن شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنھور پنھنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنھن ۾ وارھ بہ اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو[1]:
ھن شھر جي مونسپالٽي جو بنياد 1862ع ۾ پيو پر شروع ۾ ان جي ميمبرن کي نامزد ڪيو ويندو ھو پر 1935 واري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ھيٺ بالغ راءِ دھي جي بنياد تي 1938ع ۾ چونڊون ڪرايون ويون.[2] سال 1939ع ۾ ھڪ خانگي ڪمپني رتيديري ۾ پاور هائوس لڳايو جنھن مان شھر جي وڏن رستن تي بجليءَ جا بلب ٻرندا هئا ۽ ڪجهہ سرندي وارن کي بہ بجلي فراهم ٿيل ھئي. ان کان اڳ شھر ۾ رستن تي گاسليٽ تي ٻرندڙ فانوس لڳل ھيا جيڪي اسٽريٽ لائيٽ جو ڪم ڪندا ھئا.[3]
رتوديري ۾ ھيٺيون بينڪون موجود آھن: