غوث بخش بروهي (انگريزي:Ghous Bux Brohi) سنڌ جو ناميارو الغوزو نواز ۽ بانسري نواز آهي. کيس مڃتا طور صدارتي اوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي سان گڏ ڪيترائي اوارڊ مليل آهن.
غوث بخش بروهي پٽ عطا محمد بروهي جو جنم 1943ع ۾ ڳوٺ کڏڙو سانگهڙ ضلعو ۾ ٿيو. سندس وڏڙا اصل سرهاڙي ڳوٺ ۾ ويٺل هئا جيڪي پوءِ کڏڙو ۾ آباد ٿيا. هي صرف پرائمري تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو.[1]
غوث بخش بروهي فني سفر جي شروعات 1965ع ۾ ڪئي. هن شروع ۾ پنهنجي سوٽ استاد محمد صالح بروهي کان بانسري وڄائڻ جو فن سکيو. بعد ۾ استاد مصري خان جمالي جي شاگرد حاجي خان چانڊيو کان سُر ۽ لئي جو هنر سکيو. پوءِ بانسري سان گڏ الغوزو وڄائڻ شروع ڪيائين. کيس ڪلاسيڪي موسيقي جي بهترين ڄاڻ آهي جنهن ڪري بانسري يا الغوزي تي موسيقي جا سر وکيري ٿو. هن اول نجي محفلن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي به فن جي مظاهري جو کيس موقعو مليو ۽ شهرت ماڻيائين. هن سنڌ، پاڪستان کان سواءِ ڪوريا، اٽلي،لنڊن،فلپائين،جرمني،هالينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.[1] 1999ع ۾ سندس سي ڊي رليز ٿي.[2] هيءُ لوڪ ورثه طرفان 2012ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل ثقافت ميلي ۾ به فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.[3] هن وقت هيءَ ناميارو فنڪار ڪافي عرصي کان اکين جي بيماري ۾ مبتلا آهي.[4] هن جي الغوزا نوازي سنڌ، پاڪستان جي ٻين فنڪارن سان گڏ جپسي يا روما ۽ سنتي جي موسيقي ۽ ثقافت جي ڏهاڙي تي انٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽريڊيشنل موزڪ پاران برلن جرمني ۾ 1992ع ۾ رڪارڊ ڪئي وئي.[5]
غوث بخش بروهي کي مڃيا طور 1984ع ۾ شهباز گولڊ اوراڊ ڏنو ويو. کيس 1995ع ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ مليو. کيس 2009ع ۾ صدارتي اوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس سان نوازيو ويو.[1][6]
|title=
(مدد)