![]() سنڌ جي لوڪيشن, | |
تاريخ | آگسٽ 2011 – سيپٽمبر 2011 |
---|
2011 جي سنڌ ٻوڏ 11 آگسٽ 2011 ۽ 14 سيپٽمبر 2011 جي وچ ۾ صوبو سنڌ، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ٿيل برسات هئي.
2011 سنڌ ٻوڏ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ وڏو مينهُن هيو. 15 سيپٽمبر 2011 کانپوءِ، ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ ٻُڏي ويل علائقن کان پاڻي 167 چورس ڪلوميٽر روزانو جي رفتار سان گهٽ ٿيو.[2] ساڳئي ريت، موسلا ڌار بارش جي ڪري صوبو سنڌ جي 16 ضعلن ۾ شديد ٻوڏ آئي.[3] اها ٻوڏ گذريل سال 2010 ۾ پاڪستان جي تاريخي ٻوڏ کانپوءِ آئي، جنهن پوري ڏيهه کي ناش ڪري ڇڏيو.[4] هڪ اندازي مطابق 434 شهري مارجي ويا جڏهن ته 5.3 ملين ماڻهو ۽ 1،524،773 گهر متاثر ٿيا.[4]