آفتاب شعبان ميراڻي

آفتاب شعبان ميراڻي
معلومات شخصيت
جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
مناصب
بچاءُ جو وزير (پاڪستان) [1]   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
19 آڪٽوبر 1993  – 5 نومبر 1996 
عملي زندگي
پيشو سياستدان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل سنڌي سياستدان، پاڪستان بچاءُ جو اڳوڻو وزير دفاع ۽ سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ، شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ -آمريڪا- مان زراعت ۾ تربيتي ڪورس ڪيائين. سياست کيس ورثي ۾ ملي. سندس والد غلام قادر شعبان 1938ع ۾ مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. آفتاب شعبان جي -امڙ- بيگم شرف النساءِ شعبان، -تحريڪ پاڪستان- جي سرگرم ڪارڪن ۽ مسلم ليگ سنڌ جي عورتن واريءَ شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي آهي. هوءَ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊيل مسلمان عورت ميمبر هئي. کيس سماجي خدمتن جي مڃتا ۾ وائسراءِ هند طرفان ’قيصر هند‘ جو خطاب به مليو. آفتاب شعبان جو هڪ مامو علي بخش محمد حسين، -انڊيا- ڪائونسل آف اسٽيٽ جو چونڊيل ميمبر هو. سندس ٻيو مامو نبي بخش محمد حسين، 13 سال مسلسل -بهاولپور- رياست جو وزيراعظم رهيو، جڏهن ته سندس ٽيون مامو عبدالقادر محمد حسين پڻ ڪيتروئي عرصو جهوناڳڙهه رياست جو وزيراعظم رهيو. سنڌ جو محب وطن ۽ مجاهد سياستدان ۽ سنڌ جو ٻيو وڏو وزير شهيد الهه بخش سومرو، آفتاب شعبان جو سهرو هو.
آفتاب شعبان ميراڻيءَ -تعليم- پوري ڪرڻ کان پوءِ بلدياتي چونڊ ذريعي سياست ۾ قدم رکيو. پهرين شڪارپور ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿيو. پوءِ -پاڪستان- پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ اڄ تائين انهيءَ پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهي. پيپلزپارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- -تان- ڇهه دفعا ميمبر چونڊيو آهي. ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، جنهن ۾ هڪ دفعو سنڌ جو سينيئر وزير ۽ ٻيو دفعو سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع ۾ شڪارپور مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1993ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ بچاءُ جو وزير ٿيو ۽ اڍائي سال انهيءَ عهدي تي رهيو. 1998ع ۾ صدر فاروق احمد خان لغاريءَ جي استعيفا کان پوءِ آفتاب شعبان پيپلزپارٽيءَ طرفان مسلم ليگ جي صدارتي اميدوار رفيق احمد -تارڙ- جي سامهون صدر جي عهدي لاءِ بيٺو، پر -ان- ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. هن وقت قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ پيپلزپارٽيءَ جو اهم اڳواڻ آهي.[2]


حوالا

[سنواريو]
  1. subject named as: Aftab Shaban Mirani — اخذ شدہ بتاریخ: 25 اپريل 2022
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آفتاب%20شعبان%20ميراڻي