اشتياق حسين قريشي | |
---|---|
پيدائش | 20 نومبر 1903[1] پٽيالي، الھ آباد ويجھو، يونائيٽيڊ پراونسز آف برٽش انڊيا |
وفات | 22 جنوري 1981 (عمر 77 سال) |
رھائش | ڪراچي ، اسلام آباد |
قوميت | پاڪستاني |
شھريت | پاڪستان |
مادر علمي | علي ڳڙھ يونيورسٽي سينٽ اسٽيفنس ڪاليج دھلي ڪيمبرج يونيورسٽي |
شھرت جو ڪارڻ | پاڪستان جي تاريخ |
اعزاز | ستارہ پاڪستان ھلال امتياز |
'سائنسي پيشو' | |
شعبو | تاريخ |
ادارا | دھلي يونيورسٽي پنجاب يونيورسٽي ڪراچي يونيورسٽي ڪولمبيا يونيورسٽي نيشنل لينگئيج اٿارٽي |
ٿيسز جو موضوع | دھليءَ جي سلطنت جو نظام(Administration of Sultanate of Delhi) (1939) |
پروفیسر ڊاڪٽر اشتیاق حسین قریشي (انگريزي: Ishtiaq Hussain Qureshi)، (پیدائش: 20 نومبر 1903ء- وفات: 22 جنوري 1981ء) پاڪستان جو مشھور ماھر تعليم، محقق، تاريخدان ۽ ڊراما نويس ھيو جيڪو ڀارت جي شھر ”پٽيالا“ ۾ ڄائو جيڪو الھ آباد جي ڀرسان واقع ھو. دهليءَ ۽ ڪئمبرج مان تعليم حاصل ڪيائين. ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين دهليءَ، پنجاب ۽ ڪولمبيا جي يونيورسٽين ۾ -تاريخ- پڙهائيندو رهيو. -پاڪستان- ۽ هندستان جي هسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن، انسٽيٽيوٽ آف انٽرنئشنل افيئرس، انڊين هسٽري ڪانفرنس ۽ -پاڪستان- هسٽري سوسائٽيءَ جي انتظامي مجلسن جو ميمبر رهيو. تقريباً 11 سال ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ 1979ع ۾ ”مقتدره قومي زبان“ جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو. -ان- کان اڳ ۾ 1949ع کان 1951ع تائين حڪومت -پاڪستان- جو نائب وزير داخله، ۽ پوءِ وزير مملڪت ۽ 1951ع کان 1954ع تائين وزير -تعليم- به رهيو هو. کيس پهرين ”ستاره پاڪستان“ ۽ پوءِ ”هلال امتياز“ جا اعزاز ڏنا ويا. 22 -جنوري- 1981ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. قريشي صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو[2]پاڻ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي جو وزٽنگ پروفيسر ھيو ۽ نيشنل لينگئيج اٿارٽي جو باني۽ پھريون چيئرمين ھيو
20 نومبر، 1903ء اتر پرديش جي ضلعي اٽاوا جي شھر پٽيالي ۾ ڄائو جڏھن اھو علائقو برٽش انڊيا جي صوبي يونائيٽيڊ پراونسز جو حصو ھيو. [3][4][5]ھن 1942 ۾ سينٽ اسٽيفنس ڪاليج دھلي تاريخ ۾ بي اي ڪئي ۽ فارسي ٻولي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي۽ بعد ۾ ساڳي ڪاليج ۾ تاريخ جي شعبي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ان بعد ڪيمبرج يونيورسٽي مان تاريخ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاء انگلينڊ ويو. جتي پروفيسر وائيٽ ھيڊ جي نگراني ۾ مقالو The Administration of the sultanate of Delhi (سلطنت دھلي جو نظام ) لکي پي. ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. واپس ھندستان اچي دھلي يونيورسٽي ۾ ريڊر مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪندي تاريخ جو پروفيسر ٿي ويو. پاڪستان ٺھڻ بعد 1948 ۾ پاڪستان لڏي آيو ۽ مھاجرن جي آبادڪاري جو وزير مملڪت مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ تعليم جو وفاقي وزير ٿيو. ڪجهه عرصي بعد پنجاب يونيورسٽي جو پروفيسر ٿيو. 1955 ۾ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي م وزٽنگ پروفيسر ٿيو ۽ 1960 تائين اتي پڙھائيندو رھيو جتي ھن پنھجو مشھور ڪتاب The Muslim community of the Indo-Pakistan Sub-Continent لکيو. 23جون 1961 کان 2 آگسٽ 1971 تائين ڪراچي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رھيو.[6] ۽ ان عرصي دوران ھن The Struggle for Pakistan ۽ The Administration of Mughal Empire ڪتاب لکيا. رٽائرمينٽ کان پوء ھن Education in Pakistan ، Akber the founder of Mughal empire' ۽ Ulema in politics نالي ڪتاب لکيا. 1979 ۾ نيشنل لئنگويج اٿارٽي جو باني چيئرمين ٿيو.ھن جا انگريزي ۾ لکيل ٻيا ڪتاب ھيٺيان آھن
کيس پاڪستان جي حڪومت ستاره پاڪستان ۽ ھلال امتياز جا اعزاز ڏنا. 20 نومبر 2001 ۾ پاڪستان جي حڪومت ھن جي ادبي خدمتن جي صلي ۾ ھن جي تصوير واري ٽپال واري ٽڪلي جاري ڪئي. ۔[7]