ايسوسيئيشن آف انٽرنيشنل ڪلر Association of International Colour | |
---|---|
![]() | |
مختصر | اي آي سي (AIC) |
تشڪيل | 21 جون 1967 |
علاقو خدمت لاء علائقو |
عالمگير |
ويب سائٽ | ايسوسيئيشن آف انٽرنيشنل ڪلر |
ايسوسيئيشن آف انٽرنيشنل ڪلر يا رنگن جي بين الاقوامي انجمن(انگريزي: Association of International Color) (Association Internationale de la Couleur (AIC), ھڪ لرنيڊ سوسائٽي آهي جنھن جو مقصد دنيا جي اندر رنگن جي باري ۾ تحقيق جي ھمٿ افزائي ڪرڻ، رنگن جي ڄاڻ کي ڦھلائڻ۽ عالمي سطح تي سائنس، آرٽ، ڊزائين ۽ صنعت جي ميدانن ۾ رنگن جي مسئلن جو حل ڪڍڻ آهي. ھن انجمن جو دنيا جي ٻين لاڳاپيل تنظيمن سان رنگن جي باري ۾ قريبي سھڪار آھي جن ۾ انٽرنيشنل ڪميشن فار اليومنيشن، انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار اسٽينڊرڊائيزيش ۽ انٽرنيشنل ڪميشن فار آپٽڪس شامل آهن .[1]2009 ۾ جن تنظيم رنگن جو عالمي ڏينهن ملھائڻ جي شروعات ڪئي.
اي آي سي جو بنياد 21 جون 1967 ۾ آمريڪي شھر واشنگٽن ڊي سي ۾ سي آء اي (CIE) جي سورهين اجلاس ۾ پيو.[2]