ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو ستون مهينو آهي جيڪو بڊي ۽ ڪتي جي وچ ۾ آهي.
15 سيپٽمبر کان 14 آڪٽوبر تائين هوندو آهي. اَسو 30 ڏينھن جو مهينو آهي.
[سنڪرت. اَشويَج، اَشوِنَ] جيڪو ڀگوان شيو جو نالو آهي.
وائري اَن صاف ڪري، ڀانڊا ڀريائون،
ثمر سياري لاءِ، پڻ ڦٽيون چونڊيائون،
ٺاهي سَوڙ سچ جي، ٻي ڪٿ نه ڪٿيائون،
انھن سان آءٌ، شل گڏ گذاريان ڏينھڙا.
مطلب؛ هن مھيني ۾ درياهه چاڙهه وارن حصن مان لھي ويندو آهي ۽ درياهه جا واهڙ به پاڻي موٽائيندا آهن. جيئن ته هيءُ مھينو سرءُ جو هوندو آهي، تنھنڪري سَرءُ جو بخار ۽ تپاولي، اُلٽيون ۽ دست، کنگهه ۽ زڪام جام ٿئي. جنھنڪري ويڄ ۽ طبيب، ڊاڪٽر ۽ حڪيم عيدون ڪندا آهن. لابارن جي ڪري اَنُ به ٿئي جام. هڪ پاسي انُ لھي ته ٻئي پاسي بيمارين جي ڀيڙ ٿئي.
مطلب؛ اَسُو (سيپٽمبر/ آڪٽوبر) جي مھيني ۾ درياه ڪيترو به چڙهيل هجي پر وهندو پنھنجي حدن اندر آهي.
چوماسي جا چار مهينا: جن ۾ سانوڻ، بڊو، اسُو ۽ ڪتي شامل آهن. هنن مهينن لاءِ چئبو آهي ته چوويهه ڪلاڪن ۾ هڪ وقت کائجي، کٽ تي نه سمهجي، هيٺ سمهجي، حجامت نه ڪرائجي، ڏاڙهي به نه لاهجي.
لاباري لاءِ ڏاٽي جي ڳن ۾ هٿ پيو ته خبر ناهي ڪٿان ڪٿان کان ڀانت ڀانت جا پينو ۽ پينار، منگتا ۽ مڱڻھار، جوڳي ۽ ڪن-ڦاڙ ڪاپڙي، موالي ۽ مست، ڀان ۽ ڀَٽ، پير ۽ فقير، انڌا ۽ منڊا، لولا ۽ لنگڙا اچي لابارن وٽ لامارا ڏيندا ۽ نصيب سارو سنگ پِنندا ۽ پنھنجون بُگِريون ڀريندا، دعائون ڪندا، رمندا رهندا آهن. هيءَ به سنڌڙيءَ جي انوکي ريت آهي. ڏک هجي يا ڏڪار، پنھنجا ڪک تمام ڏکيائيءَ سان ڇڏيندا. مرندي مري ويندا آهن پر ڪنھن جي اڳيان هٿ ڪو نه ٽنگيندا آهن. جيڪڏھن ڪو سائل سندن در تي آيو ته ان کي به خالي هٿين موٽائڻ مھڻو ڀانئيندا.