باوارج

سامونڊي ڌاڙيل

باوارِج (انگريزي ٻولي: Bawarij) سنڌ مان سنڌي سامونڊي ڌاڙيل هيا، جن کي باوارج جي نالي سان سندن مخصوص پوڄا ڪارڻ سڏيو ويندو هيو.[1] باوارج سنڌ ۽ گجرات مان سنڌي سامونڊي ڌاڙيل هيا، جِن عرب سامونڊي جهازن کي لُٽيو، جيڪا ڏکڻ ايشيا ۽ چين جي وچ ۾ سفر تي هيو. انهن مڪمل طور تي سَما سُلطنت (1335–1520 عيسوي) جي دوران مذهب تبديل ڪري اسلام قبول ڪيو.[2]

اُهي ابو الحسن علي بن الحسين بن علي المسعودي پاران سُڪُوترا ٻيٽ (Socotra) ۾ قزاقن ڌاڙيلن مانند اڪثر طور تي ذڪر ڪيا ويا آهن. ٻين دانشورن کين درياھي ڦورو، سامونڊي جھازن کي ڦريندڙ، سامونڊي لٽيرا ۽ بحري قزاقن طور وضاحت ڪئي آهي ۽ سنڌ جا مير بحر سڏيو آهي. ابو عبد الله محمد بن عبد الله اللواتي الطنجي بن بطوطة انهن جي جنگي تِير انداز ۽ چپو (ٻيڙي ءَ کي ھلائڻ جو ڊگھو ڏنڊو) سان جنگي جهاز هلائيندڙ، پنجاهه ملاح ۽ پنجاهه هٿيار بند جنگجو همراهه ڪاٺيءَ جي ڇِتين سان تِيرن ۽ پٿرن جي خلاف حفاظت لاءِ استعمال ڪندڙ طور وضاحت ڪئ آهي. أبو جعفر محمد بن جرير بن يزيد الطبري باوارِج پاران 866 عيسوي ۾ بصري تي حملي دوران سندن وضاحت هِن ريت ڪري ٿو ته؛

"هڪ جهازران (استيام) آتشي اسلحي اڇلائيندڙ (نفاتون)، هڪ نان بائي، هڪ واڍڪو ڪم ڪندڙ ۽ ٽيهه صف بنديءِ ۾ ٻيڙو هلائيندڙ ۽ پنجيتاليهن جو پورائو ڪندڙ ويڙهاڪ،[3] هي سامونڊي جهاز جنگي مشقن لاءِ ناموزون هيا ۽ ٻين چالاڪ سِرجهاز (جهاز جي اڳئين حصي) يا ان دور جي ٻين بحري يونٽن جي مقابلي ۾ صلاحيتن جو فقدان هين پر هٿو هٿ ويڙهه لا موزون هيا."
ڌاڙيل جو حليو
ڌاڙيل جو سردار

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Indian Pirates: From the Earliest Times to the Present Day", by Rajaram Narayan Saletore, page 18
  2. Laurier, pg. 132
  3. Hourani pg. 114