بيبي نانڪي | |
---|---|
بي بي ناناڪي ۽ گُرو نانڪ | |
پيدائش | چهال, ويجهو لاهور (هاڻي قصور ضلعو) |
بي بي نانڪي يا بيبي نانڪي (جنم 1464–وفات 1518) سک مت جي پهرئين گرو ۽ باني، گرو نانڪ جي وڏي ڀيڻ هئي. نانڪي سک مت ۾ اهم هستي آهي ۽ پهرئين گرسکھ سڏرائبي آهي. هن سڀ کان اڳ پنهنجي ڀاءُ جي ”روحاني سالڪي (بزرگي)“ محسوس ڪئي.[1]
هن سال 1464ع ۾ لاهور جي ڀرسان چاهل (هاڻوڪو قصور ضلعو) ۾ جنم ورتو هيو. نانڪي ۽ هن جو ڀاءُ نانڪ ڪالو ۽ ترپتا جا ٻچا هيا. نانڪي جو نالو سندس نانا ناني رکيو هيو، پنجابي ۾ "نانڪياں" نانا ناني جي گهر کي سڏيندا آهن.[2]
نانڪي جي شادي اُپل کتري ذات جي جئيرام سان ٿي هئي، جيڪو دهلي سلطنت جي دور ۾ لاهور جو گورنر دولت خان جي مودي خانو ۾ هڪ ملازم هيو. جئيرام گرو نانڪ کي سلطان پور جي مودي خانو ۾ نوڪري ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي هئي.[3]
بي بي نانڪي کي پنهنجي ڀاءٌ سان وڏو چاهہ هيو ۽ هوءَ ان جي "روحاني روح" کي سڀ کان اڳ سُڃاڻيندڙن منجهان هئي.[1] هيءَ پنهنجي ڀاءٌ کان پنج سال ڄمار ۾ وڏي هئي، پر انهن جي لاءِ هڪ ماءٌ جو ڪردار نڀائيائين. هنن رڳو پنهنجي پيءٌ سان گرو نانڪ جي حفاظت ڪئي، پر هو کين بنا شرط پيار ڪندي هئي. گرو نانڪ کي بي بي نانڪي سان گڏ رهڻ جي لاءِ موڪليو ويو هيو جڏهن هو رڳو پندرنهن سال جو هيو. ان کي آزادي ڏيڻ جي لاءِ بي بي نانڪي ان جي لاءِ هڪ زال جي ڳولها ڪئي. بي بي نانڪي پنهنجي مڙس سان گڏجي هڪ ڇوڪري ڳولهي ۽ اها گرو سان شادي ڪرڻ جي لاءِ ماتا سلکني کي ڳولهيو.[1] جيئن تہ بي بي نانڪي کي پنهنجو ڪوبه اولاڌ نہ هيو، انڪري هيءَ پنهنجي ڀاءُ جي ٻچن، سري چند ۽ لکمي چند کي پالڻ ۾ مدد ڪندي هئي.[2]
بي بي نانڪي کي گرو نانڪ جي پهرئين پُوئلڳ (پيروڪار ) جي روپ ۾ سُڃاتو ويندو آهي.[1] هيءَ سدائين انهن جي لاءِ وقف هئي. گڏوگڏ هيءَ خدا جي ڀڳتي جي هڪ اوزار جي روپ ۾ راڳ (موسيقي) جو استعمال ڪرڻ ۾ گرو نانڪ کي ڌيان ڏيارڻ جي لاءِ سُڃاتي ويندي آهي. اهو ڄاڻي تہ ان وٽ موسيقي جو هنر آهي، هن کيس پنهنجي موسيقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ هڪ رباب خريد ڪيو.[2]
بي بي نانڪي جي وفات 1518 ۾ ٿي هئي. سندس پڇاڙيءَ جي خواهش هئي تہ سندس ڀاءٌ گرو نانڪ سندس پڇاڙيءَ جي ڏيهن ۾ هن سان گڏ رهي. سندس آخري ساهہ جپجي صاحب کي ٻُڌندي گُذري ويون.[2]
|url-status=
ignored (مدد)
|url-status=
ignored (مدد)