تاندليانوالا | |
---|---|
شھر | |
تاندلیانوالہ | |
![]() پنجاب جو ضلعي نقشو جنھن ۾ فيصل آباد وچ پنجاب ۾ فيروزي رنگ سان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ: 31°1′56″N 73°7′59″E / 31.03222°N 73.13306°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | پنجاب |
ضلعو | فيصل آباد ضلعو |
حڪومت | |
• ايم اين اي | علي گوھر خان (پاڪستان مسلم ليگ (اين)) |
• ايم پي اي | جعفر علي ھوچہ [1] پي ايم ايل(اين) |
پکيڙ | |
• شھر | 1,351 ڪ.م2 (522 ميل2) |
بلندي | 183 ميل (600 ft) |
آبادي (2017) | 702,733 |
تاندليانوالا(انگريزي: Tandlianwala) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي واري ھڪ تحصيل جو صدر مقام آهي جيڪو فيصل آباد کان 35 ڪلوميٽرن ۽ اوڪاڙہ کان 44 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي. ھي شھر فيصل آباد ضلعي جي تحصيل، سب ڊويزن ۽ تحصيل ميونسپل ايڊمنسٽريشن آھي.
ھي شھر اولھ پنجاب جي منڊي طور برٽش انڊيا واري دؤر ۾ ٺاھيو ويو. شروع ۾ سندس نالو تاندلا منڊي ھيو جيڪو بعد ۾ تبديل ٿي تاندليانوالا ٿي ويو.ھن شھر کي 1887 ۾ کيس سب تحصيل جو درجو ڏنو ويو. 1965 ۾ ان کي ٽائون ڪميٽي جو درجو مليو. راوي درياء تي پل ٺھڻ سان 1966 کان 1990 تائين ھن شھر گھڻي ترقي ڪئي.
ھي شھر پنجاب جي اتر اوڀر واري ميداني علائقي ۾ اوڀر 73°13 لانگيٽيوڊ ۽ 30°03 North جي ليٽيٽوڊ جي وچ تي 183 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي. ان جي اوڀر ۾ 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي درياءَ راوي وھي ٿو جيڪو ھن علائقي جي 90 سيڪڙو زمين جو آبپاشي وارو ذريعو آهي. ان جي چوڌاري فيصل آباد، اوڪاڙہ، ساھيوال ۽ سمندري شھر واقع آھن..[4]