جسمم سنڌي قوم پرست جي ايم سيد کي پنهنجو نظرياتي رهبر رهبر سمجهي ٿي. تنظيم پاڪستان جي اليڪشن ۽ پارليامنٽ جي ذريعي آزادي وري رستي کي مڪمل طور رد ڪري ٿي. جسمم هٿياربند جدوجهد جي وڪالت ڪندي رهي آهي ۽ ان کي پڻ آزادي لاءِ درست عمل سمجهي ٿي. ان سميت جسمم رياست مخالف جدوجهد جي هر طريقي جي حامي آهي. جسمم هٿياربند جماعت سنڌوديش لبريشن آرمي جي جدوجهد جي پڻ حامي آهي. [11]
تنظيم پاران شڪارپور جي ويجهو نيٽو جي آئل ٽينڪرن مٿان حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. تنظيم جو موقف آهي ته هو موجود دهشتگردي جي جنگ ۾ عالمي دنيا سان گڏ آهي. [17] جسمم پاران نيٽو ٽينڪرن تي حملن خلاف مظاهرا پڻ ڪيا ويا. [18] سيپٽمبر 9، 2012ع تي تنظيم نائين اليون (ورلڊ ٽريڊ سينٽر وقعو) واقعي ۾ شهيد ٿيلن جي ياد ۾ سڄي سنڌ اندر مظاهرا ڪيا ۽ ان واقعي ۾ شهيد ٿيلن کي خراج پيش ڪيو. [19] هڪ ٽوئيٽ ۾ آمريڪي ڪانگريس مين ڊانا روهيبڪر، تنظيم جي ان عمل جي ساراهه پڻ ڪئي. [20]
علاقائي مسئلا
قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ: مختلف وقتن تي تنظيم پاران قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سڄي سنڌ اندر احتجاج ڪيا ويا.[21] جسمم جو موقف آهي ته وڏيرن جي خاموشي سبب سنڌ جا قدرتي وسيلا جهڙوڪ، تيل، گيس، ڪوئلي جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي، پر هو هر سنڌ دشمن منصوبن خلاف آواز اٿاريندا ۽ پنهنجي اندڙ نسلن جي امانت قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ نه ڏيندا. [22]
ڌاري آبادڪاري:جسمم پاران مختلف وقتن تي ٻين صوبن ۽ ملڪن مان سنڌ طرف ماڻهن جي غيرقانوني لڏ پلاڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويا. جسمم جو موقف آهي ته 1954 کان پوءِ ايل ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن ۽ خطرو آهي ته ڌاري آبادڪاري اچڻ سبب سڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي. [23]
ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪيئنال: جسمم ڪارڪن ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪيئنال جا سخت مخالف آهن. [24] جسمم پاڻي کوٽ ۽ پاڻي جي مسئلن جو زميوار پنجاب کي سمجهندي رهي آهي. تنظيم 1991ع جي پاڻي ٺاهه جي خلاف آهي ۽ تنظيم جو مطالبو آهي ته 1945ع جي پاڻي ٺاهه تحت سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي. [25]
↑حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named AHRC Banned
↑"About Publication - JSMM". JSMM Official Website. وقت 14 February 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 February 2017.Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)