”جهمر“جي لغوي معنيٰ آهي ” ٽپ ڏيڻ يا ڦيرا پائڻ“. هي ناچ سنڌي لوڪ ناچ جو قسم آهي، جيڪو خاص ڪري شاديءَ ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي پيش ڪيو ويندو آهي. شاديءَ جي سڀني ساٺ سنوڻن کان پوءِ دهل جي خاص وڄت تي ”جهمر “ ٿيندي آهي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي عورتون ئي حصو وٺنديون آهن. البته ڪڏهن ڪڏهن مرد به ساڻن شامل ٿي ويندا آهن. هي نهايت مهذب ناچ آهي، جنهن ۾ فقط مخصوص انداز ۾ هٿ کنيا ويندا آهن. هٿن کڻڻ سان گڏ چيلهه کي موڙا ڏئي ، ڦيرا به پائبا آهن . [1]جھمر (هجي ۾ جُهمرِ) سنڌي لوڪ ناچ جو هڪ قسم آهي. سنڌ ۾ آباد مڙني قبيلن ۽ ذاتين جا فرد خوشيءَ جي موقعن تي جُهمر هڻندا آهن. جهُمر هڻندڙ دهلن جي تال تي گول دائري ۾ ٻئي ٻانهون اڌ اُڀيون ڪري، ساڄي پاسي ڪُلهن جي سامهون آڻي، آڱرين جون چوٽيون پٺئين پاسي موڙي يڪدم کڻي سامهون ڪندا آهن. مُنهن جي سامهون ٻئي هٿ آڻي، اِرڪن وٽ ٻانهن جي گوني ڪنڊ ٺاهي، رڳو هٿن کي اندرين پاسي گول ڦيرائيندا نچندا ويندا آهن. اهڙيءَ ريت کاٻي پاسي ڪلهي وٽ ”تال“ پورو ڪري وري اچي منهن سامهون هٿن کي گول چڪر ڏيندا آهن. جهمر مختلف ذاتين ۽ قبيلن جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جيئن: پٺاڻڪي جُهمر، جتڪي جهمر، بلوچڪي جُهمر، مڪراني جُهمر، سنڌي سماٽڪي جُهمر، ٿري جُهمر، جابلو جُهمر وغيره. ان کانسواءِ جُهمرِ جا ڪجهه نالا انداز ۽ معيار تي به ٻڌل آهن، جن ۾ سنڌڙ جهمر اهم آهي، جنهن ۾ تال (تنت، تنت، ڌن، ڌنڻ ڌا تا. تن) ٻه دفعا ورجائبو.
دهلاري دي ۾چيڻي کان پوءِ جهمر وڄائين جهمر اٺن ماترائن جو تال ٿئي، سندس دهل جا ٻول هي آهن؛
ڌنڪ- تڙ- گڌاڙا تنڪ – تڙ-گڌڙا.
هي به سنڌ ۾ ناچ تال ليکيو وڃي، هن ۾ ناچو اڪيلا يا ٻه چار گڏجي ناچ ڪن ۽ ناچ سان گڏ هن تال ۾ ڪافيون به چيون وينديون آهن. هن ناچ ۾ به ادائن ۽ انداز جي ڪا بندش نه آهي. هن ۾نچڻ جو نمونو سمورو ڇيڻي وانگر ٿئي، هن ناچ جي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ چوڻي به مشهور ٿي جيڪا آهي،”ڄهمر هڻڻ“. جنهنجو مطلب ٿيو، ڪنهن مطلب جي پوري ٿيڻ تي خوشيءَ مان نچڻ
جهمر ئي اهو تال آهي جنهن تي جمالو ڳايو ويندو آهي جهمر ۽ جمالي جو تال يا نچڻ جو انداز جدا جدا نه هوندو آهي. ناچ تال کي جهمر چون ۽ ٻولن کي جمالو.[2]
ڌرتيءَ تي ليٽي نغزه هڻڻ: ٻه چار ماڻهو ڌرتيءَ تي گوڏا کوڙي ويهندا آهن. جڏهن نغزه شروع ٿيندو آهي، تڏهن ٻئي هٿ کڻي ڪنن جي پاپڙين (چوٽين) ۾ وجهندا آهن ۽ نغزه هڻندي هڻندي ارڪن تي ليٽي پوندا آهن، بعد ۾ ڪنهن مهل سڄي ڪن جي پاپڙي پيا زمين تي رکندا آهن ته ساڳئي وقت کاٻي ڪن جي پاپڙي ٻئي آواز تي پيا زمين تي رکندا، ايئن ڪندي ڪندي نغارن کي وڃي ويجهو پوندا آهن ۽ اُتي پهچڻ بعد پويان پير ڪندا آهن. سندن زبان مان صرف هي لفظَ پيا نڪرندا: ”هي نغزه... هي نغزه. تي هي نغزه“.
جهمر جا ٻول سنڌي ٻوليءَ، ان جي ٿري لهجي کانسواءِ بلوچي، پشتو ۽ سرائڪيءَ ۾ به ٿين ٿا، جن ۾ هرهڪ جهمر جي قسم ۽ هر هڪ ذات ۽ قبيلي جا پنهنجا پنهنجا ٻول هوندا آهن. سنڌي جهمر جي ٻولن ۾:
ڪانئڙي ڪانئڙي، بڊي جي هيءَ ڪانئڙي
اِها مور مڇي آئي، بڊي جي هيءَ ڪانئڙي-
الا لا ناز ڪر !
اڃا نازو ننڍڙي، ناز نه ڪر.
جهمر عورتون ۽ مرد جدا جدا به هڻن، گڏجي جوڙا ٺاهي به هڻن. سنڌ جي اُتر واري ڀاڱي ۾ ويندي سبي ۽ بلوچستان ۾ جهمر هڻندا آهن، جن مان ڪي نمونا هن طرح آهن: