حفيظ قريشي (چاچو)

ائڊوڪيٽ حفيظ قريشي (انگريزي ٻولي: Advocate Hafeez Qureshi) ناليوارو سياستدان، عرف چاچا حفيظ قريشي (Chacha Hafeez Qureshi)، هالا پراڻا جي مشهور قاضي خاندان مان، قاضي شفيع محمد جي گهر ۾ 26 جولاءِ 1920ع تي جنم ورتو. اڃا هڪ سال جو مس هو ته سندس والد گذاري ويو. کيس ٻه وڏا ڀيئيتا ڀائر قاضي محمد بچل ۽ قاضي فضل الله هئا. والد جي لاڏاڻي سبب سندس سموري پرورش ۽ تربيت وڏي ڀاءُ قاضي محمد بچل ڪئي.

تعليم

[سنواريو]

هن روايتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول مان ورتائين، جتي سندس هم سبق حاڪم علي زرداري، قاضي ڀليڏني جو فرزند عبدالرحيم جوڻيجو ۽ قاضي عبدالرحمان قريشي، هالائي رهيا. حفيظ قريشيءَ ميٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽيءَ مان ڏنو. ان دور ۾ ميٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽي وٺندي هئي. ان بعد بي. اي پڙهڻ لاءِ ممبئي ويو،

ذهني اوسر

[سنواريو]

ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سندس ملاقات برک دانشور پروفيسر ڪرار حسين سان ٿي، جنهن جي اثر هيٺ غالب ۽ اقبال جي فڪري اُڏام ۽ شاعرانه رمزن کان آگاهه ٿيو. پروفيسر ڪرار حسين جي صحبت ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. انهيءَ زماني ۾ پڙهيل لکيل ۽ متحرڪ ماڻهو ٻن مڪتبهء فڪرن کان متاثر رهندا هئا، هڪ ٿياسافيڪل سوسائٽي ۽ ٻي علامه مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ. ممبئيءَ مان بي. اي ڪري اچڻ کان پوءِ ڪراچي لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪرڻ سان گڏ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد طور پڙهائڻ شروع ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ ڪراچي نيويءَ ۾ بغاوت ٿي ۽ ماڻهن جا انبوهه ٽاور ڏانهن وڌڻ لڳا ته انهن ۾ حفيظ قريشي ۽ جمال ابڙو به شامل هئا. جڏهن سرڪاري اهلڪارن شيلنگ ڪئي ۽ گوليون هلايون ته هن جمال ابڙي کي پُٺي ڏئي ڀڄڻ بدران پٺئين پير ڀڄڻ جي صلاح ڏني ته جيئن گولي لڳي ته پٺيءَ ۾ نه پر ڇاتيءَ ۾ لڳي.

ادبي سفر

[سنواريو]

حفيظ قريشي ايل. ايل. بي جي تعليم مڪمل ڪري، ماستري ڇڏي، آرام باغ وٽ آفيس قائم ڪري وڪالت ڪرڻ لڳو. 1958ع ۾ کيس لطيف سان شناسائي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪرائي. فيلڊ مارشل ايوب خان جي مارشل لا جو زمانو هو، ڪراچيءَ کان حيدرآباد سفر دوران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ٽرين ۾ ملاقات ٿي، جنهن غالب ۽ علامه اقبال سان سندس چاهه ڏسي کيس لطيف شناسيءَ کان آگاهي ڏني. اڳتي هلي جي ايم سيد کان به لطيف شناسي حاصل ڪيائين ۽ سڄي زندگيءَ لطيفي رنگ مٿس چڙهيل رهيو. هن جي گفتگو ۽ تقرير ۾ منطق، استدلال، لطيفي لات ۽ قرآن جون آيتون، گڏجي هڪ مؤثر رنگ پيدا ڪنديون هيون. جي. ايم. سيد کيس ’سنڌ جو ابوالڪلام‘ لقب ڏنو، جڏهن ته هو قومي تحريڪ ۾ چاچا حفيظ قريشيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

سياسي سفر

[سنواريو]

هو قومي تحريڪ ۾ بهري وٺڻ سبب ڪيترا ڀيرا جيل ويو. بينظير ڀٽو جي پهرئين دور (90-1988ع) ۾ هُو جي. ايم. سيد جي سنڌ جي دوري دوران سکر مان گرفتار ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف جيلن ۾ رهيو. حفيظ قريشيءَ جي جدوجهد اڌ صديءَ تي ٻَڌل آهي، زمينداري ۽ وڪالت سندس ڪاڄ هئا، پر سنڌ جو روشن آئيندو سندس نصب الدين هو. هُو سائين جي. ايم. سيد سان بزم صوفياءِ سنڌ، ائنٽي ونيونٽ فرنٽ، سنڌ متحده محاذ ۾ گڏ رهيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ رسول بخش پليجي سان گڏجي ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ ٺاهيائين، جنهن جو پاڻ صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري هو، پر پليجي جا جي ايم سيد سان اختلاف ڏسي کانئس ڌار ٿي ويو. هن جا شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان به واسطا هئا، ساڻس گڏجي سنڌ جو دورو ڪيو هئائين، پر سندس سياست سان اختلاف رکيائين. جڏهن ڀُٽو صاحب اقتدار ۾ آيو ته حفيظ قريشيءَ کي وفاقي وزارت جي آڇ ڪئي ۽ چيو ويو ته کيس سنڌ جي ڪنهن تڪ تان چونڊرايو ويندو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. حفيظ قريشي ڪامياب وڪيل هو. انگريزي، اردو، سنڌيءَ تي عبور رکندو هو، پر عربي ۽ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻ هيس. هو ڪمال جو حافظو رکندڙ، حاضر جواب، مدبر ۽ معنيٰ خيز گفتگو جو ماهر هو. هو جي. ايم. سيد جو وڏو احترام رکندو هو، پر ساڻس حجتي به ڏاڍو هو. ڪڏهن ڪڏهن ذاتي معاملن ۾ کيس به سڀ ڪجهه چئي ويندو هو. هو سنڌ جي ڪميونسٽن، خاص ڪري اردودان ڪميونسٽن جو سخت مخالف هو، جيڪي ’انڪارِ وطن‘ جي فلسفي ۾ يقين رکندا هئا.

شاديون

[سنواريو]

هُن ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن مان ٻه شاديون ڪيون، پهرين گهر واريءَ خديجه قريشيءَ مان کيس 7 پٽ ٿيا ۽ هن جي وفات کانپوءِ ٻي گهر واريءَ سيما قريشيءَ مان کيس هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. سندس نياڻي ۽ اٺ پٽ پڙهيل ڳڙهيل آهن، جن مان ٻه گذاري ويا آهن. حفيظ قريشيءَ کي قدرت اولاد ۽ جائداد سان خوب نوازيو هو، پر هو انهن ٻنهي نعمتن کان انتهائي حد تائين لاپرواهه رهيو. هي سچار انسان پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو سڄو ڪريڊٽ پنهنجي ٻي گهر واريءَ سيما قريشيءَ کي ڏيندو هو. هو قرآن ۽ حديث مان حوالا ڏيئي زمينداريءَ کي قدرت ۽ مذهب جي تعليم جي خلاف ۽ زمين تي فساد ۽ استحصال جو ڪارڻ ثابت ڪندو هو. ان ريت هو سنڌ جي قديم ۽ فطري زرعي پيشي ’جو کيڙي سو کائي‘ واري اصول جو حامي ۽ حمايتي رهيو.

لاڏاڻو

[سنواريو]

هن 29 جولاءِ 1997ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت هئي ته کيس سن ۾ جي ايم سيد جي پيرانديءَ کان دفنايو وڃي، پر پونيرن کيس مخدوم عربي ڏياني عرف شاهه دياني جي قبرستان ۾ دفن ڪيو، جتي ابدي آرامي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]