حمد (Hymn) عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لفظي معنيٰ آهي ”ساراھ، تعريف، ثنا، واکاڻ“.حمد نظم جو اھو نمونو اھي، جنھن ۾ ڌڻي سڳوري جي ساراھ ڪئي ويندي اھي. سنڌي شاعريءَ ۾ حمد ۾ بيت بہ ٿين تہ وائي، ڪافي، غزل بہ لکيا وڃن ٿا. حمد محفلن ۽ پروگرامن ۾ اڪثر تلاوت کانپوءِ پڙھيو ويندو اھي.[1][2]