رتوديرو

رتوديرو
Ratudero
شھر
شاھ لطيف پبلڪ لائبريري رتوديرو
شاھ لطيف پبلڪ لائبريري رتوديرو
رتوديرو is located in سنڌ
رتوديرو
رتوديرو
رتوديرو is located in Pakistan
رتوديرو
رتوديرو
پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°48′5″N 68°18′40″E / 27.80139°N 68.31111°E / 27.80139; 68.31111
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو

رتودیرو شھر لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتوديرو جو صدر مقام آهي. ھي شھر لاڙڪاڻي شھر کان 28 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.

تاريخ

[سنواريو]

ھن شھر جو پراڻو نالو رتن ديرو ھيو جيڪو بعد م رتوديرو ٿي ويو. ھن شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنھور پنھنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنھن ۾ وارھ بہ اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو[1]:

”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهہ گرمي ٿي ۽ ڪلھوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويھ لک ايڪڙ تائين پھچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شھر اُسريا، جن ۾ شھدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميھڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شھدادپور، نوشھروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.“

ھن شھر جي مونسپالٽي جو بنياد 1862ع ۾ پيو پر شروع ۾ ان جي ميمبرن کي نامزد ڪيو ويندو ھو پر 1935 واري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ھيٺ بالغ راءِ دھي جي بنياد تي 1938ع ۾ چونڊون ڪرايون ويون.[2] سال 1939ع ۾ ھڪ خانگي ڪمپني رتيديري ۾ پاور هائوس لڳايو جنھن مان شھر جي وڏن رستن تي بجليءَ جا بلب ٻرندا هئا ۽ ڪجهہ سرندي وارن کي بہ بجلي فراهم ٿيل ھئي. ان کان اڳ شھر ۾ رستن تي گاسليٽ تي ٻرندڙ فانوس لڳل ھيا جيڪي اسٽريٽ لائيٽ جو ڪم ڪندا ھئا.[3]

بينڪاري نظام

[سنواريو]

رتوديري ۾ ھيٺيون بينڪون موجود آھن:

مشھور شخصيتون

[سنواريو]

ذريعا

[سنواريو]

ٻاھريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:پاڪستان جا وڏا شھر

حوالا

[سنواريو]
  1. پنھور، ايم.ايڇ (1996ع)، ٽماهي ”مھراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
  2. يادن جي ڳڙکيءَ مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب: خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011ع، صہ 22.
  3. يادن جي ڳڙکيءَ مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب: خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011ع، صہ 24.