پاڪستان ۾ نئين اليڪشن قانون، اليڪشن ايڪٽ 2017، مطابق رٽرننگ آفيسر کي ذميداري ڏيڻ کان اڳ يا ان وقت کائنس قسم ورتو ويندو جنھن جو ھي پابند رھندو آھي. ھن جي ذميداري م ھيٺيان ڪم شامل آهن:
چونڊ جي مرحلي جي قانون مطابق سرانجامي.
چونڊ لاءِ عام پبلڪ کي نوٽس جاري ڪرڻ.
اميدوارن کان مقرر وقت اندر نامينيشن پيپر وصول ڪرڻ.
نامينيشن پيپرن جي جاچ پڙتال (scrutiny) قانون مطابق ڪرڻ.
پولنگ اسٽيشن لاء مناسب عمارت جو تعين ڪرڻ
پولنگ جي لاءِ غير جانبدار پولنگ اسٽاف جي پولنگ اسٽيشن تي مقرري ڪرڻ.