ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر (بڪرمي ڪيلينڊر) جو پنجون مهينو آهي جيڪو آکاڙ ۽ بڊي جي وچ ۾ آهي.
16 جولائي کان 15 آگسٽ تائين هوندو آهي. سانوڻ 31 ڏينھن جو مهينو آهي.
هن کي برسات جو مهينو پڻ چوندا آهن.
سنڌي ماڻهو سانوڻ يا سانول نالا پڻ رکندا آهن.
اسم خاص. [سنڪرت. شراوڻُ <شروَڻُ = سانوڻ]
ٿري/ ڍاٽڪيءَ ۾ ٻولي ’سانوڻ‘ کي ’سرامڻ‘ به چوندا آهن، جيڪو سنسڪرت لفظ ’شرامڻ/ شروڻ‘ آهي.
سانوڻ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سارنگ‘ به سڏيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ: ’ميگهه، جهڙالو، ملهار، سانوڻ جي موسم‘ آهي. شاهه لطيف جي رسالي ۾ ’سارنگ‘ بابت هڪ مڪمل سُرشامل آهي.
مينهن جي مند کي ’سانوڻيءَ جي مند‘ به چوندا آهن. سانوڻ ۾ درياهه ۾ چاڙهه ايندو آهي ۽ ٿر ۾ ’وسڪارو‘ ٿيندو آهي. وسڪاري کي سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري ٿري زندگيءَ جي علامت سمجهندا آهن. ٿري ماڻهو ’سانوڻ‘ مهيني جو وڏو اوسيئڙو ڪندا آهن.
علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي آشيلشا ، مگها ۽ پورو اڦالگني نکٽن جا اثر رهندا آهن.
مطلب؛ سدائين ساڳئي حال ۾ رهڻ يا هڪ جهڙي سڀاءُ ۾ رهڻ.
مطلب؛ جڏهن سنڌ ۾صرف مينهن ۾ فصل ٿيندا تڌهن ماڻهو چوندا هئا ته آکاڙ ۽ سانوڻ وسندو ته فصل سٺو ٿيندا ۽ خوشحال ٿينداسين.
آکاڙ جو مينهن فصلن لاءِ سون ۽ ساوڻ جو مينهن چانديءَ جهڙو ڪارائتو هوندو آهي، پر بڊي جي مينهن مان ڪو به فائدو نه ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته نقصان به ڏيندو آهي.
مطلب؛ بڊي جي مينهن کان سانوڻ جو مينهن ڀلو آهي.
سانوڻ، سرهائي، سک، سلامتيءَ ۽ سونهن جي علامت آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعرن، سانوڻ کي خوب ڳايو آهي.
سانوڻ ٽيج هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو ڪنواريون ۽ نو ورنيون، سانوڻ جي سهائي پک ۽ اونداهي پک جي ٽيج تي ڳائينديون آهن. هن گيت ۾ ڪيفيت ٿري لوڪ گيت جي آهي. سانوڻ ٽيج جو تعلق سانوڻ جي مند سان آهي. ٿر جون جوانڙيون وڻن ۾ پينگهون ٻڌي ڏينهن جو واندڪائيءَ ۾ لڏن به ۽ ترائيءَ ڀر تي سانوڻ ٽيج جا گيت به ڳائين. هن گيت ۾ ٿر جون نؤ ورنيون ۽ ڪنواريون پرديس ۾پرڻجي ويل پنهنجي ساهيڙيءَ جي جذبن جو به اظهار ڪنديون آهن. سانوڻ رت ۾آسمان ۾ڪڪرن جون گوڙيون ۽ کنوڻين جا کلڪار ڏسي، پرديسڻ ڇوڪري پنهنجي مائٽن لاءِ به اٻاڻڪي ٿيندي آهي: ائي ائي، مان اي سراوڻ ري ٽيج سراوڻ، سراوڻ، ڏيئا ساسري!
نظم ٻڌڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو[1]
سانوڻ آيو ڙي، ساجن آيو ڙي. رجب فقير - شاعري امداد حسيني
تو بن سانوڻ آيو. شاعري ڊاڪٽر رضا
آيا ڏينهنڙا سانوڻ جا. سمير کيماڻي ۽ ساندي سيٺ - شاعر گوورڌن ڀارتي ( اصل ۾ ڳايل ڀڳوتي نيواڻي ۽ ستنام روهڙا. فلم لاڏلي 1986)
آيا سانوڻ ڏينهنڙا - ريمڪس ڪمليش ڪپور