سنڌ ندي Sindh River سنڌ ندي | |
---|---|
![]() سنڌ ندي جمنا ندي جي شاخ آهي | |
مقام | |
ملڪ | انڊيا |
رياست | مڌيا پرديش, اتر پرديش |
طبعي وصفون | |
Source | مالوا جي زميني پليٽ |
• location | ودشا ضلعومڌيا پرديش |
ڇوڙ | جمنا ندي |
- مقام | اٽاوا ضلعو , اتر پرديش |
- محل وقوع | 26°26′17″N 79°12′43″E / 26.43806°N 79.21194°E |
ڊيگھ | 470 km (290 mi)} |
طاس جا تفصيل | |
شامل ٿيندڙ نديون | |
- کاٻي پاسي | ڪواري ندي |
- ساڄي پاسي | پاھوج ندي |
انڊيا ۾ ساوا ماڌوپور جي مقام تان سنڌ نديءَ جو منظر
سنڌ ندي(انگريزي: Sindh River ) جمنا ندي جي ھڪ شاخ جو نالو جيڪا مڌيا پرديش کان وھي اتر پرديش داخل ٿي جمنا ندي سان ملي ٿي. ھن ندي جي شروعات مڌيا پرديش جي اتر ۽ اتر اوڀر ۾ وديشا ضلعي ۾ مالوا جي زميني ميدان مان ٿئي ٿي ۽ اھا مڌيا پرديش جي گونا، اشوڪ نگر شوپوري، داتيا، گواليار، ڀنڊ ضلعن مان وھي اتر پرديش جي جالائون ضلعي ۾ جمنا ندي ۾ چمبل ندي واري سنگم لڳ ڇوڙ ڪري ٿي.ھن ندي جي ڊيگھ 470 ڪلوميٽر آهي جنھن مان 461 ڪلوميٽر مڌيا پرديش ۾ ۽ 9 ڪلوميٽر اتر پرديش ۾ آهي.[1]
جمنا ندي۽ ان جون سنڌ ندي سميت شاخون
ھن ندي تي شوپوري ضلعي ۾ ھڪ ڊيم پڻ اڏيل آھي جنھن جو نالو مانکيدا ڊيم آهي. [2]