اداري جي ويب سائيٽ:[1] آرڪائيو ڪيا ويا 2018-08-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم جي ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۽ تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. جناب ميران محمد شاهه ان صلاحڪار بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيو. سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻين عالمن ۽ ڏاهن ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي، شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽي، علامه آء آء قاضي، ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ديوان سوڀراج نرملداس ”فاني“، جناب پير علي محمد شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ سميت پندرهن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي. سن 1948ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان ان مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي انتظامي ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏيئي، جناب سيد ميران محمد شاهه چيئرمن، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو وائيس چيئرمن ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
سيپٽمبر 1950ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادبي بورڊ ۾ تحقيق ۽ تاليف جي ڪمن کي عملي جامو پارائڻ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽي“ قائم ڪري اُن کي ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران منظور ڪيل رٿائن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. هن ڪاميٽيءَ جو چيئرمن صوبائي وزير تعليم مقرر ٿيو، جڏهن ته ”سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي چيئرمن، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽري تعليم سميت ست ٻيا ميمبر به ڪاميٽيءَ تي کنيا ويا.
ڊسمبر 1951ع ۾ سنڌ جي عوام کي هڪ منظم ادبي ادارو فراهم ڪرڻ جي خيال کان، سنڌ سرڪار ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ختم ڪري، ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو. ان بورڊ کي بعد ۾ تعليم، صحت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي ٺهراءَ نمبر B/4619 – 4694 هيٺ رجسٽريشن آف سوسائٽي ايڪٽ 1860/ XXI تحت، نمبر: 468 بتاريخ 26 مارچ 58-1957ع تي خيرپور ميرس ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار آف جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز جي آفيس ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو. گڏوگڏ بورڊ جي ”اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽيءَ“ جي ميمبرن جو انگ به ستن مان وڌائي يارنهن ڪيو ويو.
مارچ 1955ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان سنڌي ادبي بورڊ کي خود مختيار اداري جي حيثيت ڏئي اداراتي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ باقاعده آئين منظور ڪيو ويو.
اهڙي خودمختيار حيثيت ملڻ کان پوءِ بورڊ سنڌي ادب جي واڌاري، سميت تحقيقي مسودا ۽ ڪتاب ڇپرائڻ جي سلسلي ۾ اڳ کان وڌيڪ ذڪر جوڳا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، جن جو تذڪرو نه صرف ڏيهه ۾ ناماچاريءَ سان ٿيڻ لڳو، بلڪه پرڏيهه ۾ به مڃتا ملڻ لڳي.
سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تاين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ڀلائيءَ، ۽ واڌاري خاطر سرگرم عمل آهي. وقت بوقت ٿيندڙ انتظامي تبديلين ۽ ڪم ڪار جي طريقيڪار ۾ ردوبدل سان بورڊ جي سرگرمين ۽ ترجيحن جا رُخ تبديل ضرور ٿيا آهن، پر اداري جي بنيادي مقصد ۽ ڪارج تي ڪوبه فرق ناهي آيو. ان جو روشن ثبوت اهو آهي جو سنڌي ادبي بورڊ اڄ به هڪ باوقار اداري جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض خاطر خواه انداز سان ادا ڪري رهيو آهي. گُذريل اڌ صديءَ جي تاريخ ۾ بورڊ تقريبن 500 ڪتاب ڇپرائڻ کانسواءِ تسلسل سان ٽي رسالا: ”مهراڻ“، ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ شايع ڪري رهيو آهي ۽ هن اداري سنڌ ۾ علمي، ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي.