سنڌي سينيما سنڌي فلمي صنعت |
---|
سولي وڊ پاڪستاني فلمي صنعت جي مرڪز کي چيو ويندو آھي۔ ان ۾ سولي وڊ - پاڪستان جي صوبي سنڌ مان ورتو ويو آھي جاٿي هي صنعت قائم آھي۔
سنڌي سينيما يا سنڌي فلم صنعت پهرئين سنڌي فلم ايڪتا 1940 (1940) ۾ جاري (رليز) ٿي ان فلم جو ٺاهيندڙ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هيو[1] ۽ ان فلم جو هدايتڪار هومي واڊيا، ليکڪ کيئلداس فاني، موسيقار گلشن صوفي، گُلوڪارَ بيگم ڪوشليا ۽ گلشن صوفي هيا. [2]اداڪارَن ۾ ڪوشليا بيگم، ڪريم بخش نظاماڻي، سڪندر نوحاڻي، فاني، هري شوداساڻي، پانڊو شوداساڻي، مايا ديوي، رام پنجواڻي ۽ گلشن صوفي هيا. ان فلم جي گيتَ (ٻولَ) هي هيا؛
انگُ شمار | گيتَ، ٻَولَ | شاعر | فنڪار، آواز |
---|---|---|---|
01 | مونکي ننڍڙي ڀيڻ کپي | کيئلداس فاني | گلشن صوفي، ڪوشليا |
02 | ڀَلو آهي ساري جهان کان | کيئلداس فاني | گلشن صوفي، ڪوشليا |
پهرئين سنڌي فلم ايڪتا 1940 (1940) ۾ جاري (رليز) ٿيڻ کانپوءِ سنڌي سينيما جون وڌيڪ فلمون ٺهڻ شروع ٿي ويون. اباڻا فلم 1958 ۾ ٺهي.[3] آخري سنڌي فلم 1970 (1970) ۾ ٺهي جنهن جو نالو همٿ هيو، همٿ فلم کانپوءِ سنڌي سيمينا جون فلمون ٺهڻ بند ٿي ويون ۽ سنڌي فلمي صنعت جو هڪ باب پڻ پُڄاڻي تي پهتو.[4]
مشتاق چنگيزي جو اصل نالو مشتاق ملاڻو هو.[5] هن 60 کان وڌيڪ سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو.[6] سنڌي ٻولي ۾ 1951 کان 1997 تائين 83 فلمون ٺھيون ھيون[7]. سنڌالاجي پاران حيدرآباد ۾ آڪٽوبر 2018 ۾ منعقد ٿيل سنڌي فلم فيسٽيول ۾ اداڪار مصطفي قريشي سنڌ حڪومت کي سنڌ فلم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ٺاھڻ جو مشورو ڏنو ۽ پي ٽي وي جي جھوني ھدايتڪار ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگي فيسٽيول ۾ سنڌي فلم جي تاريخ تي پنھنجي ٺاھيل دستاويزي فلم ڏيکاري.[7].
انگُ شمار | سنڌي فلم جو نالو | جاري ٿيڻ جو سال | هدايتڪار | پروڊيوسر | اداڪارَ |
---|---|---|---|---|---|
01 | ايڪتا | 1940 | هومي واڊيا | رئيس ڪريم بخش نظاماڻي | ڪوشليا بيگم، ڪريم بخش نظاماڻي، سڪندر نوحاڻي، فاني، هري شوداساڻي، پانڊو شوداساڻي، مايا ديوي، رام پنجواڻي ۽ گلشن صوفي |
02 | عمر ماروي | 12 مارچ 1957 | سيد حُسين علي شاهه فاضلاڻي، رشيد احمد لاشاري، شيخ حسن، غلام علي عبدالطيف، ماسٽر محمد ابراهيم، نظير بيگم ۽ نگهت سلطانا | ||
03 | اباڻا | 24 جنوري 1952 | |||
04 | راء ڏياچ | ||||
05 | پرديسي | حُسين علي شاهه فاضلاڻي | |||
06 | سسئي پنهون (سنڌي فلم) | 1958 (1958) | اي جي منگي ۽ علي حسن منگي | نگهت سلطانا، سلطان، رخشي، ساقي | |
07 | پرائي زمين (فلم) | 1958 | شيخ حسن | سوزي ڊينيئل ، سلطان، چارلي | |
08 | شهرو فيروز (فلم) | 1968 | ماهپارا ، مشتاق چنگيزي | ||
09 | چانڊوڪي (فلم) | ||||
10 | تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ (فلم) | ||||
11 | نوري ڄام تماچي (فلم) | ||||
12 | گونگهٽ لاهِه ڪنوار (فلم) | وسيم اداڪار | |||
13 | رنگ محل (فلم) | ||||
14 | پنو عاقل (فلم) | ||||
15 | ليليٰ مجنون | ||||
16 | محبوب مٺا | ||||
17 | مٺڙا شال ملن | ||||
18 | بادل (سنڌي فلم) | سعيدهه | |||
19 | سورٺ (فلم) | ||||
20 | جيجل ماءُ (فلم) | ||||
21 | البيلي | ||||
22 | سوڍا پُٽ سنڌ جا (فلم) | ||||
23 | پيار ڪيو سينگار (فلم) | ||||
24 | پيار تان صدقي (فلم) | ||||
25 | منهنجو پيار پڪاري (فلم) | ||||
26 | غيرت جو سوال (فلم) | ||||
27 | لَڄ رَک (فلم) | ||||
28 | بادل ۽ برسات (فلم) | ||||
29 | رت جا رشتا (فلم) | ||||
30 | سنڌڙيءَ تان صدقي (فلم) | ||||
31 | ڌرتي لال ڪُنوار (فلم) | ||||
32 | ڌرتي دل وارن جي (فلم) | ||||
33 | اچ ته ڀاڪر پايون (فلم) | 2 جولاءِ 1976 | مشتاق چنگيزي | جي. ايم ميمڻ | شتاق چنگيزي، چڪوري، ملڪ انوکي، شبانه ناز، خميسي جانوري، عبدالحق ابڙي، الطاف سومري، مقبول کوکر، زاهده پروين ۽ شيخ سنڌي |
34 | رت جي راند (فلم) | ||||
35 | رت ۽ اجرڪ (فلم) | 18 فبروري 1977 | نذير صوفي | بشير احمد انصاري | چڪوري، مشتاق چنگيزي، روشن عطا، حڪيم کوسي، شبانه ناز، خميسي جانوري، عبدالحق ابڙي، نادر بلوچ، نور محمد لاشاري، اي. آر. بلوچ ۽ فرح ديبا |
36 | ڌرتي ۽ آڪاش (فلم | ||||
37 | حاضر سائين (فلم) | ||||
38 | دوستن جو پِيار (فلم) | ||||
39 | گهاتو گهر نه آيا (فلم) | ||||
40 | اُميد (فلم) | ||||
41 | کل ماشي (فلم) | ||||
42 | پرديسي ۽ پيار (فلم) | چڪوري | |||
43 | ممتا (سنڌي فلم) | يوسف نصير | آغا نظير ڪاوش | ريٽا | |
44 | زندگي يا موت (فلم) | ||||
45 | سورمي سنڌ جي (فلم) | ||||
46 | برسات جي رات (فلم) | ||||
47 | جانو ڌاڙيل (فلم) | ||||
48 | جلال چانديو (فلم) | ||||
49 | حيدرخان (فلم) | ||||
50 | سُهڻا سائين (فلم) | ||||
51 | قُرباني (سنڌي فلم) | ||||
52 | پوتي ۽ پَڳ (فلم) | ||||
53 | حاڪم خان (فلم) | ||||
54 | هوجمالو (سنڌي ڪلاسيڪل فلم) | ||||
55 | پَرو چانڊيو (فلم) | ||||
56 | طوفان (سنڌي فلم) | ||||
57 | دُشمن (سنڌي فلم) | ||||
58 | علي گوهر (فلم) | ||||
59 | مهراڻ جا موتي (فلم) | ||||
60 | نادرگوهر (فلم) | ||||
61 | جهومر ۽ بندوق (فلم) | ||||
62 | پُڪار (سنڌي فلم) | ||||
63 | ٽي قيدي (سنڌي فلم) | ||||
64 | بيوَس (سنڌي فلم) | ||||
65 | شهيد (سنڌي فلم) | ||||
66 | فيصلو ضمير جو (سنڌي فلم) | ||||
67 | مُورک (فلم) | ||||
68 | پَلاندُ (سنڌي فلم) | ||||
69 | ميران جمالي (فلم) | ||||
70 | جيئي لطيف (فلم) | ||||
71 | ڪاروماڇي (فلم) | ||||
72 | درياخان (فلم) | ||||
73 | مُحب شيدي (فلم) | ||||
74 | باغي (سنڌي فلم) | ||||
75 | وڏيرو سائين (سنڌي فلم) | ||||
76 | الله بچايو (فلم) | ||||
77 | ملاکڙو (فلم) | ||||
78 | مسٽرشڪارپوري (فلم) | ||||
79 | سنڌ جا سپوت (فلم) | ||||
80 | ڏٺوويندو (فلم) | ||||
81 | سِجاول (فلم) | ||||
82 | ڌرتي منهنجي ماءُ (فلم) | ||||
83 | همٿَ (سنڌي فلم) | 1970 | محمد شيخ |
اڳوڻي صدر پريز مشرف جي دور ۾ پاڪستان ۾ نوان نجي ٽي وي چينل کُلڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ پوءِ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ نئين دور ۾ داخل ٿي، سنڌي ٽي وي چينل کُلڻ شروع ٿيا جِن ۾ ڪي ٽي اين ٽي وي، سنڌ ٽي وي، آوزا ٽي وي، ڪشش ۽ ٻيا خبرن جا چينل کُليا. ڪي ٽي اين ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي پاران سنڌي ٽيلي فلمون ٺاهيون ويون آهن.