هن مضمون کي وڌيڪ حوالن جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقتن جي تصديق ڪري سگهجي. |
مقامي نالو | سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو |
---|---|
قسم | خودمختيار ادارو |
قيام | 1992 |
باني | ڊڪٽر نبي بخش خان بلوچ |
صدر دفتر | N-5، نيشنل هاءِ وي،، حيدرآباد، سنڌ، پاڪستان |
خدمتي علائقو | سنڌي ٻوليءَ کي معياري بنائڻ ۽ فروغ ڏيڻ |
اھم شخصيتون | ڊاڪٽر اسحاق سميجو (چيئرمئن) |
صنعتي پيداوار | ڪتاب، رسرچ، ايپليڪيشن |
مالڪ | حڪومت سنڌ |
ملازم | 97 |
ويب سائٽ | http://www.sindhila.org |
سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو ( انگريزي ٻولي: Sindhi Language Authority) هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جو مقصد ملڪ ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ آهي.
سنڌي ٻولي اٿارٽي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. اٿارٽيءَ جو هڪ بورڊ آف گورنرس آهي، جيڪو اٿارٽيءَ جي ڪم ڪار جي نگراني ڪرڻ سان گڏ، اٿارٽيءَ جي مقصدن لاءِ پاليسيون جوڙيندو رهندو آهي. هن اداري جو پهريون بورڊ آف گورنرس، سنڌ جي نامياري عالم ۽اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيو ويو هو. اٿارٽيءَ جي قيام واري وقت کان وٺي، مختلف عالم اديب هن اداري جا چيئرمئن مقرر ڪيا ويا، جن وقت بوقت پنهنجي علمي ۽ ادبي قابليت ۽ استعداد سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪم ڪيو. اداري ۾ ھن وقت پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجو چئرمين جي عھدي تي ڪم ڪري رھيا آھن.[1]
ھي سيڪشن ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
جيئن ته اسلامي جمھوري پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي قلم 251 (3) ھيٺ ڄاڻايل آھي ته،”قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي ڪابه صوبائي اسيمبلي قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اپاءَ وٺي سگھي ٿي. تنھن ڪري آئين جي ان قلم کي مدنظر رکندي ۽ ان جي تعميل ڪندي، سنڌ جي صوبائي اسيمبلي اھڙو گھربل قانون، ”سنڌ ايڪٽ 1972ع“ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) ۽ ”سنڌ ترميمي ايڪٽ 1990ع“ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) جي صورت ۾ منظور ڪيو، جنھن موجب قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي سنڌ ۾ لازمي طور سنڌي ٻوليءَ جو استعمال صوبائي ٻوليءَ طور ٿيندو، ۽ وڌيڪ جيئن ان ايڪٽ جو مقصد آھي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ ”بورڊ“، ”اڪيڊميون“ ۽ ”اختياري“ قائم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ اثرائتا انتظام ڪندي ۽ قاعدا بحال ڪندي ته جيئن صوبي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال وڌندو رھي.
ھي سيڪشن ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
اٿارٽيءَ جا مقصد ۽ ڪم ھيٺئين طور ھوندا
ھي سيڪشن ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
اٿارٽيءَ جي انتظام جي ذميداري خود سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ تي ئي ھوندي (ھن بعد اٿارٽيءَ کي ”ادارو“ ڪري ڄاڻائبو). اداري جي جوڙجڪ ھيٺين ريت ھوندي
سنڌ جو وزيراعليٰ ڪنھن به ٻئي شخص يا شخصن کي اداري جا ميمبر مقرر ڪري سگھي ٿو؛ مگر ميمبرن جو جملي تعداد ارڙھن رھندو
اداري جو ڪوبه فيصلو يا ان جو کنيل قدم رڳو ان ڪري رد نه ٿيندو ته اداري جي ميمبرن مان ڪا جاءِ خالي ھئي، يا ان جي جوڙجڪ ۾ ڪو نقص ھو
شروع ۾ مقرر ڪيل سرڪاري ميمبر ٽن سالن تائين قائم رھندا
ھي سيڪشن ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
- چيئرمين جي مقرري سنڌ جو وزيراعليٰ ڪندو
- سيڪريٽري ۽ خزانچي کي اداري جي سفارش تي وزيراعليٰ مقرر ڪندو. ھنن جي پگھار ۽ نوڪريءَ جا شرط انھن قاعدن مطابق ھوندا جيڪي صوبائي حڪومت جي اڳواٽ منظوريءَ سان بااختيار ادارو جوڙيندو
ھي سيڪشن ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
اداري کي اختيار حاصل ھوندو ته اھي سڀ قدم کڻي جيڪي ان جي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري ھجن، خاص ڪري
اداري جي آفيسرن ۽ ٻئي عملي جي مقرري، انھن جي پگھارن جا اسڪيل ۽ نوڪريءَ جا ٻيا شرط
اداري جون ڪارروايون ھلائڻ
جيڪڏھن ڪي ڪميٽيون مقرر ڪيون وڃن ته انھن جي جوڙجڪ ۽ ڪارروائين جا قاعدا.
خرچ، حساب ڪتاب ۽ لکپڙھ جي سنڀال
ميمبرن جي سفر خرچ ۽ روزاني ڀتي جي منظوري.
۽ ٻيا اھي ڪم جن لاءِ وقت بوقت اداري جي فيصلي جي ضرورت پوي.
ھي سيڪشن ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
چيئرمين اداري جو اعليٰ منتظم ھوندو ۽ کيس ان جي عملي ۽ انتظام، ماليات ۽ ٻين سڀني شعبن تي اختيار حاصل ھوندو
چيئرمين جي نظرداريءَ ھيٺ سيڪريٽري، اداري جي آفيس جو ڪم سنڀاليندو ۽اٿارٽي ۽ اڳواڻ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻين جون ڪارروايون قلمبند ڪري محفوظ ڪندو ۽ اٿارٽي ۽ اڳواڻ ڪميٽيءَ جي انھن فيصلن کي جيڪي چيئرمين منظور ڪندو تن کي عمل ۾ آڻيندو
سرڪاري ميمبرن کان سواءِ اداري جا باقي ميمبر ٽن سالن تائين بحال رھندا. سرڪاري ميمبرن کان سواءِ جيڪڏھن ڪنھن ٻئي ميمبر جي جاءِ مدي پوري ٿيڻ يا ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري خالي ٿيندي ته ان خالي جاءِ تي وزيراعليٰ ٻئي ڪنھن شخص کي مقرر ڪري سگھندو.
اداري جي سرمايي ۾ ھيٺيون رقمون شامل ھونديون: سرڪاري گرانٽون، خانگي عطيا، ڪتابن جي وڪري يا ڪنھن ٻئي اسم مان حاصل ٿيندڙ آمدني.
اداري جو فنڊ ان جي طرفان مقرر ڪيل بئنڪ ۾ رکيو ويندو ۽ اداري جو حساب ڪتاب ھيٺين مان ڪي به ٻه ڄڻا گڏجي ھلائيندا.
اداري جي حساب ڪتاب جي جانچ پڙتال، سنڌ حڪومت جو مقرر ڪيل ”“آڊيٽر“ ڪندو.
اداري جي سرگرمين ۾ ڪيل ڪم جي سالياني رپورٽ ھر مالي سال جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽن مھينن اندر شايع ڪئي ويندي.
سنڌ جو وزيراعليٰ ڪنھن به مسئلي بابت ڪوبه عام يا خاص حڪمنامو اداري ڏانھن جاري ڪري ڪن خاص ڪمن ڪرڻ جي ھدايت ڪري سگھندو ۽ پڻ اداري جي مقصدن مطابق ان جي ڪمن ۽ ذميدارين کي وڌائي يا گھٽائي سگھندا
حڪومت سنڌ جو ثقافت ۽ سياحت وارو کاتو اداري جي سڀني سلسلن ۾ ”انتظامي کاتي“ جي حيثيت رکندو ۽ صوبائي حڪومت توڙي وزيراعليٰ سان سموري لکپڙھ ان کاتي جي معرفت ڪئي ويندي.
تصوير | نالو | نشستماني جو دور |
---|---|---|
فائل:ڈاکٹر نبی بخش بلوچ.jpg | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 15 فيبروري 1991ء –6 مارچ 1994 |
[[[فائل:ڈاکٹر نواز علی شوق.gif|80px]] | ڊاڪٽر نواز علي شوق | 6 مارچ 1994ء –3 اپريل 1995ء |
فائل:ڈاکٹر نبی بخش قاضی.gif | ڊاڪٽر نبي بخش قاضي | 3 اپريل 1995ء – 17 نومبر 1996ء |
فائل:ممتاز مرزا.gif | ممتاز مرزا | 17 نومبر 1996ء – 6جنوري 1997ء
(اضافي چارج) |
فائل:امر جلیل.gif | امر جليل | 7جنوري 1997ء – 5 مئي 1997ء |
فائل:حمید سندھی.gif | حميد سنڌي | 6 مئي 1997ء – 22 جولاءِ 1998ء |
فائل:ڈاکٹر غلام علی الانا.gif | ڊاڪٽر غلام علي الانا | 22 جولاءِ 1998ء – 1 آگسٽ 2001ء |
فائل:ڈاکٹر محمد قاسم بگھیو.gif | ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو | 1 آگسٽ 2001ء – 15 فيبروري 2005ء |
80px | اين ڊي جتوئي | 16 فيبروري 2005ء – 16 فيبروري 2005ء
(اضافي چارج) |
فائل:عبدالقادر جونیجو.gif | عبدالقادر جوڻيجو | 19 سيپٽمبر2005ء – 10مئي 2008ء |
ڊاڪٽر فهميده حسين | 28مئي 2008ء – 14 مارچ 2015 | |
سرفراز راڄڙ | 15 مئي 2015ع – 14 آڪٽوبر 2016 | |
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ | 14 آڪٽوبر 2017ع – 31 آڪٽوبر 2018ع | |
اڪبر لغاري | 26 ڊسمبر 2018ع – 22 سيپٽمبر 2019ع | |
پرويز احمد سيھڙ | 22 سيپٽمبر 2019ع – 08 نومبر 2019ع | |
اڪبر لغاري | 08 نومبر 2019ع – 28 جولاءِ 2020ع | |
محمد علي مانجهي | 14 آڪٽوبر 2017ع – مارچ 2022ع |
|- | | style="text-align:center;"ڊاڪٽر اسحاق سميجو | style="text-align:center;"|14 اگسٽ 2022ع – |}