شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار | |
---|---|
![]() The shrine-complex is richly decorated with Sindhi-style tile work | |
بنيادي ڄاڻ | |
جاءِ | ڀٽ شاهه |
مقانيت | 25°48′22″N 68°29′29″E / 25.806005°N 68.4915225°E |
وابستگي | اسلام |
ضلعو | مٽياري |
صوبو | سنڌ |
ملڪ | پاڪستان ![]() |
تفصيل تعميرات | |
قسم اڏاوت | مسجد ۽ درگاهه |
قسم اڏاوت | هند اسلامي |
مڪمل سال | 1772ع |
شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار (انگريزي: Shrine of Shah Abdul Latif Bhittai)، ارڙهين صدي ۾ جڙيل صوفي مزار آهي، جيڪا ڀٽ شاھ ۾ واقع آهي. هن مزار جي سنڌ ۾ وڏي اهميت آهي، هر سال لطيف جي عرس ۾ 5 لک کان وڌيڪ عقيدتمند هن مزار تي ايندا آهن.[1]
هي مزار شاهہ عبداللطيف ڀٽائي لاءِ جوڙائي وئي، جيڪو مشهور سنڌي صوفي، عالم، ۽ شاعر هو، جنهن کي سنڌي ٻولي جي حوالي سان مسلمان شاعرن ۾ تمام وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو.[2] هن جي شاعري جي مجموعي کي شاهه جو رسالو چيو وڃي ٿو. هي مزار سيوهڻ شريف ۾ موجود لال شهباز قلندر جي مزار جي مزار کان 125 ڪلوميٽر مفاصلي تي آهي.[3] آمريڪا جي اڳوڻي وزير خارجه هيلري ڪلنٽن 2009ع ۾ هن مزار جو دورو ڪيو هو.[4]
مزار جي اندرين حصي جي سارسنڀال عورتن جي حوالي آهي.[5] جڏهن ته مزار جي ٻاهران مرد شاهه جي شاعري ڳائيندا آهن.[5] هندو برادري ڀيل ۽ ڪولهي هن درگاهه جو احترام ڪندا آهن؛ ڇو ته لطيف جي شاعري هر عقيدي لاءِ احترام جو درس ڏي ٿي.[5]
هي مزار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1772ع تي ٺهرايو.[6] هن مزار ۾ هڪ مسجد ۽ لطيف جو روضو آهي، جنهن جو در هڪ وڏي اڱڻ طرف کلي ٿو جنهن جي چوڌاري قبا جوڙيل آهن. هن ۾ سنڌي اڇي ۽ نيري رنگ جي ڪاشي جو ڪم ٿيل آهي.[7] سجي لٿي هن مزار ۾ لطيف جي شاعري ڳائي ويندي آهي..[5]
شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ٽن ڏينهن واري عرس ۾ 5 لک کان وڌيڪ زيارت مند مزار ٿي حاضري ڀريندي آهن،[1] سندس عرس اسلامي مهيني جي صفر جي 13 هين تاريخ تي شروع ٿيندي آهي.[8] سندس عرس وارو ڏينهن لطيف جي وفات وارو ڏينهن آهي ۽ سندس مالڪ سان ملڻ جي خوشي ۾ هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.[9]
![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |