عمران اسماعيل | |
---|---|
33 ھون گورنر سنڌ | |
عهدو سنڀاليو 27 آگسٽ 2018ع – 18 اپريل 2022ع | |
صدر | ممنون حسين ڊاڪٽر عارف علوي |
وزير اعظم | عمران خان |
پيشرو | محمد زبير عمر آغا سراج دراني(قائم مقام) |
سنڌ صوبائي اسيمبلي جو رڪن | |
عهدو سنڀاليو 13 آگسٽ 2018ع – 27 آگسٽ 2018ع | |
حلقو | پي ايس 111 - ڪراچي 23 |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | جنوري 1966 (عمر 59 سال) ڪراچي، پاڪستان |
قوميت | پاڪستاني |
سياسي جماعت | پي ٽي آئي |
ٻار ٻچا | 2[1] |
عمران اسماعيل (انگريزي: Imran Ismail ) سنڌ جو 33ھون گورنر، اڳوڻو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر، سياستدان ۽ ڪاروباري شخصيت آھي جيڪو پھرين جنوري 1966ع[1] تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.[2][3]
جن ڪنٽونمينٽ پبلڪ اسڪول، ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪري گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، ڪراچي ۾ داخل ٿيو،[1][4] جتان ھن انٽر جو امتحان پاس ڪيو. پوء اٽلي مان چمڙي جي ٽيڪنالاجي ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ويو پر اتي موسيقي سکڻ ۾ دلچسپي ورتائين،[3] ۽ ڊگري وٺڻ کان سواءِ پاڪستان موٽي آيو.[5] 1918 ۾ اخبارن ۾ اھا خبر بہ ھلي تہ ھن ڪنھن بہ يونيورسٽي مان گريجوئيشن پاس نہ ڪئي آھي.[6] 8218 ۾ پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن سامھون ھن جي پيش ڪيل رڪارڊ مطابق بہ ھن جي وڌ کان وڌ تعليم انٽر تائين ظاهر ڪيل آهي.[5][7][8][9] ھي ڪاروباري ماڻهو پڻ آهي. کيس جوس جي ھڪ فئڪٽري آھي. سال 2010ع ۾ ھن تي چاليھ لکن جي غبن جو ڪيس داخل ٿيو ھيو.[5] ھن جو شمار پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو.[1] اپريل 2015ع ۾ ڪراچي جي این ای-246 واري قومي اسيمبلي جي تڪ تان ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪٽ تي اليڪشن م حصو ورتو پر کيس ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميلھٿان شڪست آئي.[10] کيس 24821 ووٽ مليا.[11] سال 2018ع ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر پی ایس-111 تان چونڊ کٽي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو.[12][13] 6 آگسٽ 2018ع م کيس گورنر سنڌ طور نامزد ڪيو ويو.[13][14] .[15] 13 آگسٽ تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور قسم کنيو.[16] 23 آگسٽ تي کيس گورنر سنڌ مقرر ڪيو ويو.27 آگسٽ تي سنڌ اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفا ڏنائين ۽ بطور گورنر قسم کنيائين.