قرنو | |
---|---|
قرنو يا چمپي جو گل | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | ميسئا |
قَرنو (اردو: چمپا، انگريزي: Mesua) قرني جو گل هتي مشهور آهي، جنهن مان موتئي ۽ گلاب وانگر عرق ڪڍندا آهن. هن کي اردو ۾ چمپا ۽ انگريزيءَ ۾ مائڪيلس چمپڪا چون ٿا. هي هڪڙو ننڍو وڻ آهي، قد ۾ اٽڪل ويهه فوٽ ٿو ٿئي. پن تمام سهڻا ٿا ٿينس. سياري جي شروع ۽ آخر ۾ بي شمار وڏا ۽ سنهڙن پنن وارا گل جهليندو آهي، جي ليمي جي رنگ جهڙا ٿيندا آهن. منجهن تمام چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي، جا پري تائين پئي ايندي آهي. گلن کان پوءِ اهو وڻ وري ٻيرن جهڙو پيلو ڦر جهلي ٿو، جو هن کي بلڪل ٿڪايو ڇڏي، جنهن ڪري بعضي هي وڻ ڦر جهلڻ کانپوءِ ٻئي سال وري گل نه ڪندا آهن. ٻج پوکڻ سان ٿيندو آهي.
هن جماعت جو هڪڙو ٻيو وڻ آهي، جنهن کي ناگ چمپا يا ناگسر چوندا آهن. انهيءَ جا پن نشتر جهڙا ٿيندا آهن، جي مٿان لسا، چمڪندڙ، هيٺان اڇا ۽ پشم وارا ھوندا آھن. اهو وڻ پهرين مارچ ۾ قرمزي رنگ جا گل ڪري ٿو، جنهن ڪري صبح يا شام جو اس پوڻ ڪري، وڻ پري کانباهه جي شعلي يا مچ وانگي پيو ڏسجي ۽ اپريل ۾ وري وڏا پيليءَ اک سان اڇا گل ڪري ٿو. انهن جي خوشبوءِ آسپاس کي واسي ڇڏيندي آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ آئرن ووڊ ٽري (يعني لوهه جي ڪاٺيءَ جو وڻ) چون ٿا. ڪتابي نالو ميسوئا اٿس.
ٽيون قسم به هن جو آهي، جنهن کي سلطان چمپا چون ٿا. هي وڏي قد جو وڻ آهي، وڏن، لسن، ڳوڙهن ۽ ساون پنن سان ٿئي ٿو. هي وڏا ۽ اڇي رنگ جا خوشبودار گل جهلي ٿو، جن مان وري بيشمار وڏا ٻج نڪرندا آهن. جون مهيني ۾ گل ڪري ٿو. انگريزي نالو اٿس ڪالو لمف ۽ زردي رنگ جا ٿين ٿا. پاڙون ڇني ڌار ڪري هڻڻ سان پيدا ٿئي ٿو. آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.[1]