قمبر قمبر علي خان | ||
---|---|---|
شھر | ||
| ||
جاگرافي بيهڪ: 27°50′40″N 68°00′40″E / 27.84444°N 68.01111°E | ||
ملڪ | ![]() | |
صوبو | سنڌ | |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو ھيڊ ڪوارٽر | |
سب ڊويزن | سب ڊويزنقمبر جو ھيڊ ڪوارٽر |
قمبر انگريزي ٻولي(Qamber) سنڌ جو تاريخي شهر آهي جيڪو قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۽ قمبر سب ڊويزن جو صدر مقام يا ھيڊ ڪوارٽر آهي.هن کي قمبر علي خان به لکيو ويندو آهي.
ايم ايڇ پنهور جي تحقيق مطابق ھن شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[1] “