ليگل فريم ورڪ آرڊر ،1970(انگريزي: Legal Framework Order, 1970) (ايل. ايف. او.)(LFO) ھڪ صدارتي حڪمنامو ھيو جيڪو پاڪستان جي ان وقت جي صدر آغا محمد يحي خان جاري ڪيو هو، جنھن تحت پاڪستان ۾ 1970ع جي چونڊن لاءِ سياسي اصول ء قانون ڏنا ويا ھيا.[1][2] ھن قانون ذريعي پاڪستان جي اندر ويسٽ پاڪستان واري ون يونٽ جي اسڪيم جو خاتمو آڻي سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب جي پراڻي صوبائي حيثيت بحال ڪئي وئي[1][2] ملڪ جو نالو اسلامي جمهوريه پاڪستان رکيو ويو. ھن قانون جو مقصد ملڪ ۾ نئون آئين اڻڻ پڻ ھيو. اھو 30 مارچ 1970 م جاري ڪيو ويو.ان کان اڳ يحي خان ايسٽ پاڪستان جي گورنر ذريعي مجيب الرحمان سان مذاڪرات ڪيا ھيا جنھن م مجيب الرحمان واعدو ڪيو هو ته اليڪشن بعد ھو پنھجي مطالبن ۾ لچڪ آڻيندو .[3] ھن قانون مطابق قومي اسيمبلي جون 313 سيٽون متعين ڪيون ويون جن مان آبادي جي اڪثريت ھجڻ جي ڪري بينگال يا اوڀر پاڪستان جون 169 سيٽون متعين ٿيون باقي 144 اولھ پاڪستان جي چئن صوبن جون، جن تي سڌوسنئون اليڪشن ڪرائڻي ھئي. [2][4] [4]