اسڪرين شاٽ مائروسافٽ لانچر جو اسڪرين شاٽ | |
ترقي ڌنڌو | مائڪروسافٽ |
---|---|
ابتدائي اشاعت | آڪٽوبر 2015 (ايرو لانچر طور) |
پليٽ فارم | اينڊروئيڊ |
صنف | لانچر اپليڪيشن |
ويب سائيٽ | arrowlauncher |
مائڪروسافٽ لانچر (انگريزي ٻولي: Microsoft Launcher)، جنهن کي جاري ڪرڻ مهل ايرو لانچر پڻ چيو ويو، اهو مائڪروسافٽ پاران اينڊروئيڊ لاءِ جوڙيل لانچر اپليڪشن آهي، جيڪا سهڻي بناوٽ ۽ هلڪي (گھٽ وزن) هجڻ سبب مشهور آهي.[1] هي لانچر چڪاس لاءِ آڪٽوبر 2015ع ۾ جاري ڪيو ويو[2] ۽ 2 سال پوءِ، 5 آڪٽوبر، 2017ع تي هن کي گوگل پلي اسٽور ۾ عام واپرائيندڙ لاءِ جاري ڪيو ويو.[3]
هن لانچر ۾ ڪيتروين ئي خصوصيتون شامل آهن، موبائيل فيڊ ۾، تازو سرگرميون، خبرون، سڄي ڏينهن جا ڪم ڪار، موسم جو احوال وغيره ڏيکاريا وڃن ٿا.[4] هن لانچر ۾ جيڪڏهن اسڪرين کي هيٺيان طرف کان مٿي ڇڪبو ته مختفل اپيليڪشن جا اختصار ڏسي سگھبا،[5] هي لانچر واپرائيندڙ کي تمام گھڻا موقعا فرهام ڪري ٿو ته سندس موبائيل ڪيئن ڏسڻ ۾ اچي. بنگ ذريعي هر روز موبائيل جي اسڪرين جي تصوير پڻ تبديل ٿيندي رهي ٿي. ان سان گڏ هن لانچر ۾ ڪورٽانا کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي.[6]
ڊسمبر 2017ع، ۾ ڄاڻايو ويو ته هن لانچر کي 1 ڪروڙ دفعا ڊائونلوڊ ڪيو ويو آهي.[7]