مارلي منٽو سڌارا:(انگريزي: Morley Minto Reforms ) 1909 ۾ برٽش انڊيا جي وائسراءِ لارڊ منٽو ۽ برٽش انڊيا جي رياستي سيڪريٽري گڏجي برٽش انڊيا ۾ سياسي سڌارا تجويز ڪيا جن تحت انڊين ڪائونسل ايڪٽ 1861 جي بنياد تي انڊيا جي ماڻھن کي قانونساز اداري لاء چونڊجڻ جي حق جي سفارش ڪئي وئي.[1] سڌارن ۾ انڊيا جي صوبائي ادارن تي مقامي ماڻهن جي غلبي کي تسليم ڪيو ويو پر مرڪز جي قانونساز اسيمبلي م انھن کي اھا حيثيت نہ ڏني وئي.[2] چونڊيل ھندوستاني ماڻھن کي بجيٽ ۽ لاڳاپيل معاملن تي پھريون دفعو بحث ڪرڻ جي اجازت ملڻ سان گڏوگڏ ٺھراء پيش ڪرڻ جو بہ حق ڏنو ويو.[3][4]