مير مرتضيٰ ڀٽو Mir Murtaza Bhutto | |
---|---|
پيدائش | ڪراچي، پاڪستان | 18 سيپٽمبر 1954
وفات | 20 سيپٽمبر 1996 (عمر 42 سال) ڪراچي، سنڌ |
مدفن | ڳڙهي خدا بخش، سنڌ، پاڪستان |
پيشو | سياست دان |
جيون ساٿي | فوزيہ فصح الدين ڀٽو غنويٰ ڀٽو |
ماءُپيءُ | ذوالفقار علي ڀٽو نصرت ڀٽو |
مير غلام مرتضيٰ ڀٽو هڪ پاڪستاني سياست دان هيو.[1] هو اڳوڻو وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو جو پٽ هيو۔ هو وروڌي تنظيم الذوالفقار جو باني هيو,[2] جيڪا محمد ضياء الحق جي دور ۾ سندس والد کي موت جي سزا جي رد عمل ۾ ٺاهي وئي هو هڪ جلاوطن طور افغانستان منتقل ٿي ويو،[3] فوجي ٽربيونل سندس غير حاضريءَ ۾ ان کي موت جي سزا جو حڪم جاري ڪيو.
مرتضيٰ ڀٽو سيپٽمبر 18، 1954 تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو،ڀٽو پنهنجي شروعاتي تعليم حاصل ڪئي سينٽ مريم جي اڪيڊمي ۾[4] [5] سندس هڪ ڌيءٌ فاطما ڀٽو ۽ پُٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر آهي
خميس، 20 سيپٽمبر 1996ع جي شام تي مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻين ڇھ پارٽي ڪارڪنن کي سندس رهائش گاهہ 70 ڪلفٽن جي ويجهو هڪ پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو.[6]