مسدس __(Musdas):
مسدس کي سنڌي شاعري ۾ ڇهه سٽو به چئبو آهي. سنڌي شاعري ۾ فارسي ۽ عربي منجهان رائج ٿيو. فارسي يا عربي ۾اهڙو طويل نظم جنهن جو هر بند يا شعر ڇهن سٽن تي مشتمل هجي سو مسدس سڏبو آهي. سنڌي شاعري ۾ ان جي هيئت ۾ تبديلي ڪئي وئي ۽ سنڌي شاعري ۾ مسدس صرف ڇهه سٽن تي مشتمل آهي. مسدس اھو شعر اھي جنھن جي ھر بند ۾ ڇھ سٽون ھونديون اھن. ھر ھڪ بند جون پھريون چار سٽون پاڻ ۾ ھم قافيہ ھونديون اھن ۽ پويون ٻہ سٽون پاڻ ۾ ھم قافيہ ھونديون اھن. [1][2][3] سنڌي شاعري ۾ الھہ بخش اٻوجھو جا مسدس مشهور آهن.