1718ع ۾ ميان يار محمد جو پُٽ نور محمد تخت ڌڻي ٿيو، جنھن لاڙ ۾ ڪڪرالو ۽ سري ۾ شڪارپور ۽ سيوي تائين قبضو ڪيو. 1736ع ۾ دھلي سرڪار کان بکر، سيوھڻ ۽ ٺٽو فتح ڪري، ساري سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ غلام شاھه دٻدٻي سان حڪومت ھلائي. آخر ۾ 1783ع ۾ ٽالپرن کانئن حڪومت کَسي.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلھوڙا دور سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ فوجي لحاظ کان وڏي اھميت جو حامل آھي، ميان يار محمد، نور محمد ۽ ميان غلام شاھه ھن خاندان جا روشن ستارا ھئا جن سنڌ کي آزاد، خودمختيار، سرسبز ۽ عوام ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ پنھنجي محدود وسيلن ڪتب آڻڻ ۾ ڪابه ڪوتاھي ڪانه ڪئي. ھنن سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي بحال رکڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. ملڪ ۾ آبپاشي ۽ زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ھنن سنڌ ۾ واھن جو ڄار وڇايو. مسٽر ڊيل ھوسٽ ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ کوٽايل ھي واھه ڄاڻايا آھن. پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، پيڃارو، گانگرو، لکي، سيتا، بگھاڙ، داديجي، گھار، امرڪس ۽ نُور واھه. واھن جي انتظام ڪري سنڌ جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيو ۽ ماڻھو روزي ڪمائڻ لائق ٿيا. ڪلھوڙن حاڪمن مراد آباد، الله آباد ۽ خدا آباد شھر تعمير ڪرايا. ميان غلام شاھه، شاھبندر جو بندر ٺھرايو ۽ پراڻ جي موريءَ کي بند ڏياريو، جنھنڪري ٿر جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ملڪ جي زراعت زور وٺڻ ڪري سنڌ جي سالياني اُپت وڌي اسي لکن تي پھتي. سندس دور ۾ امن امان ھو ۽ عوام اطمينان سان پنھنجي روزاني ڪِرت ۾ رُڌل ھو. گلدسته نورس بھار جو مصنف لکي ٿو ته، ”رستن جو امن ۽ رعيت جي بھبودي تمام اعليٰ درجي تي پھتل آھي. مسافر توڙي مقامي ماڻھو، پنھنجي ڪاروبار کي لڳل آھن. ھِت ايڏي پئماني تي امن امان آھي جو مسافر، ھر انديشي کان فارغ ٿي، رات ڏينھن امن امان سان ھر ھنڌ اچن وڃن ٿا.“