نيها ڊڪشت

نيها ڊڪشت Neha Dixit

سال 2019 ۾ نيها ڊڪشت
تعليم ميرانڊا هائوس، دهلي
جاميا مليا اسلاميا
پيشو صحافي[1][2][3]

نيها ڊڪشت (انگريزي ٻولي: Neha Dixit) ڀارتي صحافي ۽ ليکڪا آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ جنسيات، سياسي ۽ سماجي انصافتي تحقيق واروڪم ڪرڻ جي سبب کان هيءَ مشهور آهي. سندس صحافت ۾ پنهنجي قابليت سبب کان درجن کن ملڪي ۽ بين الاقوامي اعزاز کيس مليا آهن. هيءَ جامعہ مليہ اسلاميہ جي نامياري اڳوڻي شاگردن منجهان هڪ آهي، ۽ ڀارت ۾ ناريون صحافي نيٽورڪ جي ميمبر آهي.[4][5][6]شيڊو لائنز (انگريزي: Shadow Lines)، دي بنڊت ڪوئين (انگريزي: The Bandit Queen) وغيرہ ڊڪشت جا قابل ذڪرلکڻيين وارا ڪم آهن.

آڳاٽي زندگي ۽ تعليم

[سنواريو]

نهيا ڊڪشت ابتدائي تعليم لکنئو ۾ حاصل ڪئي ۽ انگريزي ادب ۾ دهلي يونيورسٽي جي ميرانڊا هائوس کان بي۔اي ڪئي اٿائين. ڊڪشت جامعہ مليہ اسلاميہ جي اي۔جي۔ڪي ماس ڪميونيڪيشن ريسرچ سينٽر جي ڪنورجنٽ جرنلزم ۾ ايم۔اي ڪئي آهي. ورلڊ پريس انسٽيچيوٽ ۽ نائٽ سينٽر ۾ ريسرچ فيلو رهي آهي. هيءَ ڀارت ۾ نارين جي صحافي نيٽورڪ جي ميمبر پڻ آهي.[5]

ڪيريئر

[سنواريو]

نيها پنهنجي صحافي زندگي جو سفر جي شروعات تيهلڪا ميگزين کان شروع ڪيو هيو. [7]انکانپوءِ نيها هيڊلائن ٽوڊي (هاڻي انڊيا ٽوڊي) جي خاص تحقيقي ٽيم ۾ شريڪ ٿي هئي. سال 2013 کان نهيا آزاد صحافي (فريلانس جرنلسٽ) طور ڪم ڪري رهي آهي.[8] الجزيرا، آئوٽلک ميگزين، سمٿسونين ميگزين، فارين پاليسي، دي ڪاروان، دي نيو يارڪ ٽائمز جي انڊيا انڪ بلاگ، همل سائوٿ ايشين، دي وائر، واشنگٽن پوسٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي پبليڪيشنز ۾ سندس ليکَ (لکڻيون، مضمون ) ڇپجي ايندا آهن. ڊڪشت نالسار يونيورسٽي ۽ اشوڪا يونيورسٽي ۾ پڙهائيندي آهي. هن ڪولمبيا اسڪول آف جرنلزم ، نيو يارڪ يونيورسٽي ۽ گوٽنجن يونيورسٽي ۾ سماجي انصاف ۽ صحافت بابت ليڪچر ڏيندي آهي. سماجي ۽ معاشي اعتبار کان پُٺتي پيل ماڻهن ۽ مسلمانن سان تعلق رکندڙ ۽ فرقي واري سياست جي خلاف لکڻ جي ڪارڻ کان ڊڪشت کي ٽرولنگ کانسواءِ ڊڪشت کي لٺ لٽڻ (عصمت دري)، قتل، جسماني حملن جون ڌمڪيون پڻ ملنديون اهن.[9]
ڊڪشت پهرئين ناري صحافي آهي جنهن آر ايس ايس بابت دستاويزي فلم سامهون آندي هئي تہ اهي ڪهڙِي ريت انساني بازارڪاري|بازارڪاري جي ذريعي سان قبائلي ڇوڪرين کي دماغ ڌوئي (برين واش) ڪندا آهن. سندس ان رپورت کانپوءِ اَٽڪل 25 برين واش ڇوڪرين کي برآمد ڪري پنهنجي گهر ڀاتين سان ملايو ويو آهي.[10]

لکڻيون

[سنواريو]
  • ڊڪشت 2012 ۾ دي گلوبل ڪيس بڪ آف انويسٽيگيتو جرنلزم (انگريزي ٻولي: The Global Casebook of Investigative Journalism) ۾ اتر هندستان ۾ ناموسي قتل جي باري ۾ لکيو آهي.[11] فرسٽ هينڊ: گريفڪ نان فڪشن فرام انڊيا (انگريزي ٻولي: First Hand: Graphic Non-fiction from India) ڪتاب ۾ نهيا ڀارت ۾ نارين ي استحصال بابت دي گرل ناٽ فرام مدراس (انگريزي ٻولي: The Girl Not from Madras) ڪهاڻي لکي هئي.[12][13] انهي ڪتاب جي ٻئي ڇاپو (جلد) ۾ ڊڪشت 2013 مظفر نگر وڳوڙن ۾ اجتماعي لڄالٽ ( آبرو ريزي) کان بچندڙ 7 نارين جي بابت شيڊو لائنز (انگريزي ٻولي: Shadow Lines) جي نالو سان ڪهاڻي لکي هئي.[14] دي بنڊت ڪوئين (انگريزي ٻولي: The Bandit Queen) نالو سان هيڊ ومن آف بامبي فلمز (انگريزي ٻولي: Bad Women of Bombay Films ) ۾ هڪ مضمون پڻ لکيو هيو. پنهنجي پسند جي شادي، بين المذهبي ۽ عدالتي شادين ۾ پيش ايندڙ مصيبتن ۽ آزمائشن بابت ڊڪشت جو مقالو 2018 ۾ ڇپندڙ ڪتاب نوٽ فار ڪيپس (انگريزي ٻولي: Knot for Keeps: Writing the Modern Marriage) ۾ شامل آهي.[15]

ايوارڊ

[سنواريو]

ڊڪشت کي ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو آهي چند قابل ذڪر اعزاز هيٺ درج آهن.:

ويچارَ

[سنواريو]

نهيا ڊڪشت جا ڪجهہ نمايان ويچارَ هيئن آهن :[9]

جيئن جيئن آئون آزاد ٿيندي ويس، ٻين ماڻهن جو جيڪي منهنجي مٿان اختيار هيو، ختم ٿيندو ويو.
جيسيتائين همدري سماج ۾ آهي، معاشرو مرد ۽ نارين جي لاءِ غير مساوي آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Ullekh NP (26 January 2015). War Room: The People, Tactics and Technology behind Narendra Modi's 2014 Win. Roli Books Private Limited. pp. 33. ISBN 978-93-5194-068-5. https://books.google.com/books?id=lWVABgAAQBAJ&pg=PT33. 
  2. "Selective amnesia". The Hindu.
  3. "Modi’s Scandals: a Delhi Diary". Counter Punch. 16 July 2015 by Vijay Prashad
  4. "Neha Dixit India: Transforming Gender Coverage". ICFJ. حاصل ڪيل 10 March 2020. 
  5. 5.0 5.1 "Network of Women in Media". nwmindia. حاصل ڪيل 10 March 2020. 
  6. 6.0 6.1 "Journalist Neha Dixit Receives International Press Freedom Award 2019". SheThePeople.tv. حاصل ڪيل 10 March 2020. 
  7. "Blood for sale: India's illegal 'red market'". BBC. حاصل ڪيل 10 March 2020. 
  8. Sandip, Sandip. "Two Girls in a Tree: Why the Indian Rape Photos Are Inexcusable". HuffPost. حاصل ڪيل 10 March 2020. 
  9. 9.0 9.1 "Meet The Fearless Journalist, Who Was Called An "Anti-National" & Abused Online For Honest Reporting". TheologicalIndian.com. حاصل ڪيل 10 March 2020. 
  10. "Journalist's Investigative Report Helps Bring Back 25 Tribal Girls Trafficked By Sangh Outfits". Theological Indian. حاصل ڪيل 10 March 2020. 
  11. "The global investigative journalism casebook". www.unesco.org. حاصل ڪيل 2019-04-10. 
  12. "Comic book sheds light on untold stories of trafficking, poverty and prejudice in India". Reuters, 10 June 2016. By Anuradha Nagaraj. vis Euronews.
  13. "One-of-a-kind graphic anthology on contemporary India". Kanika Sharma, Hindustan Times 16 May 2016
  14. "Muzaffarnagar riots: This graphic narrative tells the story of the courage of seven rape survivors". Scroll. حاصل ڪيل 31 July 2018. 
  15. "Knot For Keeps: Writing the Modern Marriage". Harper Collins. Harper Collins. 
  16. Staff, The Wire. "Neha Dixit Wins Chameli Devi Award for Outstanding Woman Journalist for 2016". thewire.in. حاصل ڪيل 30 September 2017. 
  17. "Neha Dixit wins Red Cross award for writing on women raped during 2013 Muzaffarnagar riots". TwoCircles, 1 December 2015
  18. "KL Former Journalist Shazia Yousuf Wins ICRC-PII Award". Kashmir Life, 2 December 2015
  19. "Winners of the Trust Women Awards" آرڪائيو ڪيا ويا 2015-03-18 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Thomson Reuters Foundation, Mon, 9 December 2013
  20. "Premio Lorenzo Natali – Analisi approfondite dei migliori broker sul mercato". حاصل ڪيل 3 August 2019. 
  21. "UNFPA Laadli media awards declared". Zee News