هي صفحو مضمون آهي. هن صفحي ۾ وڪيپيڊيا کي سواريندڙن جا خيال يا رايا شامل آهن. هي صفحو وڪيپيڊيا جي هدايتن ۽ حڪمت عملين مان هڪ ناهي، ڇو ته هن ته واپرائندڙن جو اتفاق شامل ناهي. ڪي مضمون اڪثريت جي رائي هوندا آهن ته ڪي وري اقليت جي.
|
چونڊ مضمون لاءِ مقرر معيار ۾ ڄاڻيل آهي ته مضمون مستند حوالن سان قابل تصديق هجي ۽ جتي مناسب هجي، اتي هر سٽ ۾ حوالو هجڻ ضروري آهي. وڪيپيڊيا جي قابل تصديق پاليسي موجب، ڪنهن به سڌي توڙي اڻ سڌي قول يا ڪا اهڙي دعوا جنهن تي اعتراض ڪيو ويو هجي، يا اعتراض ڪرڻ جهڙو هجي، اهڙي مواد لاءِ هر سٽ ۾ حوالو ڏيڻ ضروري آهي.
اهڙو مواد جنهن تي منتظمين اعتراض ڪيو هجي، ان جو حوالو نه ڏجي ته اهڙو مواد هٽايو ويندو. ممڪن هجي ته اعتراض واري مواد جو مختلف مستنعد ذريعن مان حوالا پيش ڪجن. عتراض جوڳي مواد سامهون حوالو ڏيڻ سان ڪنهن تنازعي جو خطرو پڻ نه رهندو.
اڪثر مضمون جي مٿان ديباچو، سڄي مضمون جي خلاصي مان کنيل هوندو آهي، جيڪڏهن ديباچي ۾ ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه شامل ناهي ته پوءِ حوالا ڏيڻ ضروري ناهي. جيڪڏهن ديباچي ۾ ڪا اهڙي اعتراض جوڳي ڳالهه ڪيل آهي، يا ڪنهن زنده ماڻهو توڙي تازي حادثي يا واقعي جي متعلق مضمون هجي ته اتي حوالو ڏيڻ ضروري هوندو.