جڏهن پاڪستان ٺهڻ جو اعلان ٿيو تہ ان وقت فرانس ۾ ڇهين عالمي اسڪائوٽ جمبوري ٿي رهي هئي. پهرين سيپٽمبر 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي اسڪائوٽ ليڊرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان بواءِ اسڪائوٽ ائسوسيئيشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 22 ڊسمبر 1947ع تي گورنر جنرل هائوس ڪراچيءَ ۾، قائداعظم محمد علي جناح، پاڪستان جي پهرئين چيف اسڪائوٽ جي عهدي جو قسم کنيو. ملڪ جو سربراھ، ملڪ جو چيف اسڪائوٽ، ۽ صوبائي گورنر، صوبي جو چيف اسڪائوٽ ٿيندو آهي. سنڌ مان سيد غوث علي شاهه چيف اسڪائوٽ ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاھ 10 سالن تائين پاڪستان اسڪائوٽس ائسوسيئيشن جو نئشنل ڪمشنر رهيو.
تنظيمي معاملن کي بهتر هلائڻ لاءِ، پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ائسوسيئيشن کي نون (9) علائقن ۾ ورهايو ويو، جن ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان، آزاد ڪشمير، پاڪستان ريلوي، پي. آءِ. اي، فاٽا ۽ اسلام آباد شامل آهن.
اسڪائوٽ تحريڪ ۾ عمر جي حساب سان اسڪائوٽن کي ٽن شعبن ۾ ورهايو ويو آهي. 7 سالن کان 11 سالن جي عمر وارن ٻارن کي ”شاهين اسڪائوٽ“، 11 سالن کان 17 سالن جي عمر وارن نوجوان کي ”بواءِ اسڪائوٽ“ ۽ 17 کان 25 سالن جي عمر وارن کي ”روور اسڪائوٽ“ سڏيو ويندو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ تقريباً چار لک اسڪائوٽ ۽ اسڪائوٽ ليڊر موجود آهن
شاهين جو مقصف بلند پرواز (هاء فلائي) آھي.
اسڪوٽ مقصد ال Al Mustaid (تيار ٿي) آھي.
روور مقصد خدمت (سروس) آهي.
اسڪائوٽ واعدو
^ پاليسي، تنظيم، ضابطو (تبديل ٿيل / ترميم ٿيل 2013) نيشنل هيڊ ڪوارٽر، پاڪستان بوڪ اسڪائوٽس ايسوسيئشن ^ رحيمما اي اسڪائوٽ اڳواڻ (اسڪائوٽ ليڊر هيل بڪ)، پاڪستان بوڪ اسڪائوٽس ايسوسيشنل نيشنل هيڊ ڪوارٽر پاران شايع ٿيل