سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس
| |
---|---|
![]() | |
تعظيمي لقبَ | جناب اعلي (جڏهن ڪورٽ ۾ ڪير مخاطب ٿي) |
تجويز ڪندڙ | پاڪستان جو وزيراعظم |
مقرر ڪندڙ | پاڪستان جو صدر |
عھدي جي مدت | تبديل ٿيندڙ عمر 65 سالن تائين |
تشڪيل | 27 جون 1949 |
اولين حامل | عبدالرشيد (وفاقي چيف جسٽس طور) |
پاڪستان جو چيف جسٽس (مخفف CJP) پاڪستان ۾ عدالتي نظام (حڪومت جي قانوني شاخ) جو سربراهه ۽ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو بالا جج هوندو آهي.[1] چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ جي مقرر 17 ججن مان سڀني کان مٿاهون هوندو آهي.[2] 1947ع کان 1960ع تائين بلا جج کي وفاقي جج ڪوٺيو ويندو هو.[3] چيف جسٽس، پاڪستان جي عدالتي نظام جو انتظامي آفيسر ۽ وفاقي شريت عدالت جي چيف جسٽس کان پڻ مٿاهون جج هوندو آهي. چيف جسٽس وفاقي قانونن جي پڻ نگراني ڪندو آهي.[4][5]
سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس جي چونڊ پاڪستان جو وزيراعظم ڪندو آهي، ۽ پوءِ پاڪستان جو صدر ان کي مقرر ڪندو آهي.[6][7] چيف جسٽس پاڪستان جي مقرر ڪيل نئين صدر کي قسم نامو پڻ کڻائيندو آهي.[8]
پاڪستان جو پهريون چيف جسٽس سر عبدالرشيد هو،[9] پاڪستان جو چيف جسٽس گلزار احمد آهي.
پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ عرصو چيف جسٽس رهندڙ جج محمد حليم هو جيڪو 3205 ڏينهن تائين پاڪستان جو چيف جسٽس رهيو. گھٽ وقت رهندڙ چيف جسٽس محمد شهاب الدين هو، جيڪو چيف جسٽس ٿيڻ جي 9 ڏينهن کان پوءِ وفات ڪري ويو. افتخار محمد چوڌري پاڪستان جو واحد چيف جسٽس هو جيڪو 3 دفعا چيف جسٽس طور مقرر ٿيو. هي چيف جسٽس جي عهدي تي 2480 ڏينهن رهيو.
ترتيب | نالو | آفيس جو مدو | مدو (ڏينهن) | بار | مقرر ڪيو | |
---|---|---|---|---|---|---|
1 | عبدالرشيد | 27 جون 1949 | 29 جون 1954 | 1,826 | لاهور هاءِ ڪورٽ | گورمنٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 |
2 | محمد منير | 29 جون 1954 | 2 مئي 1960 | 2,134 | لاهور هاءِ ڪورٽ | ملڪ غلام محمد |
3 | محمد شهاب الدين† | 3 مئي 1960 | 12 مئي 1960 | 9 | مدراس هاءِ ڪورٽ | محمد ايوب خان |
4 | ايلون رابرٽ ڪارنيلسين | 13 مئي 1960 | 29 فيبروري 1968 | 2,848 | لاهور هاءِ ڪورٽ | |
5 | ايس.اي. رحمان | 1 مارچ 1968 | 3 جون 1968 | 94 | لاهور هاءِ ڪورٽ | |
6 | فضل اڪبر | 4 جون 1968 | 17 نومبر 1968 | 166 | مشرقي پاڪستان هاءِ ڪورٽ | |
7 | حمودر رحمان† | 18 نومبر 1968 | 31 آڪٽوبر 1975 | 2,538 | ڪولڪتا هاءِ ڪورٽ | |
8 | محمد يعقوب علي | 1 نومبر 1975 | 22 سيپٽمبر 1977 | 691 | لاهور هاءِ ڪورٽ | فضل الاهي چوڌري |
9 | ايس. انورالحق | 23 سيپٽمبر 1977 | 25 مارچ 1981 | 1,279 | لاهور هاءِ ڪورٽ | |
10 | محمد حليم | 23 مارچ 1981 | 31 ڊسمبر 1989 | 3,205 | سنڌ هاءِ ڪورٽ | محمد ضياالحق |
11 | محمد افضل ظله | 1 جنوري 1990 | 18 اپريل 1993 | 1,203 | لاهور هاءِ ڪورٽ | غلام اسحاق خان |
12 | نسيم حسن شاهه | 17 اپريل 1993 | 14 اپريل 1994 | 362 | لاهور هاءِ ڪورٽ | |
ق* | سيعد سعود جان | 15 اپريل 1994 | 4 جون 1994 | 50 | لاهور هاءِ ڪورٽ | فاروق لغاري |
13 | سجاد علي شاهه | 5 جون 1994 | 2 ڊسمبر 1997 | 1,276 | سنڌ هاءِ ڪورٽ | |
14 | اجمل ميان | 27 ڊسمبر 1997 | 30 جون 1999 | 550 | سنڌ هاءِ ڪورٽ | وسيم سجاد |
15 | سعيد الزمان صديقي | 1 جولاءِ 1999 | 26 جنوري 2000 | 209 | سنڌ هاءِ ڪورٽ | محمد رفيق تارڙ |
16 | ارشاد حسن خان | 26 جنوري 2000 | 6 جنوري 2002 | 711 | لاهور هاءِ ڪورٽ | |
17 | بشير جهانگيري | 7 جنوري 2002 | 31 جنوري 2002 | 24 | پشاور هاءِ ڪورٽ | پرويز مشرف |
18 | شيخ رياض احمد | 1 فيبروري 2002 | 31 ڊسمبر 2003 | 698 | لاهور هاءِ ڪورٽ | |
19 | ناظم حسين صديقي | 31 ڊسمبر 2003 | 29 جون 2005 | 546 | سنڌ هاءِ ڪورٽ | |
20 | افتخار محمد چوڌري (پهرين دفعا) | 29 جون 2005 | 9 مارچ 2007 | 618 | بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
ق | جاويد اقبال | 9 مارچ 2007 | 24 مارچ 2007 | 15 | بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
ق | راڻا ڀڳوان داس | 25 مارچ 2007 | 20 جولاءِ 2007 | 87 | سنڌ هاءِ ڪورٽ | |
20 | افتخار محمد چوڌري (ٻيو دفعو) | 20 جولاءِ 2007 | 3 نومبر 2007 | 136 | بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
± | عبدالحميد ڊوگر | 3 نومبر 2007 | 21 مارچ 2009 | 504 | سنڌ هاءِ ڪورٽ | |
20 | افتخار محمد چوڌري (ٽيون دفعو) | 21 مارچ 2009 | 11 ڊسمبر 2013 | 1,726 | بلوچستان هاءِ ڪورٽ | آصف علي زرداري |
21 | تصدق حسين جيلاني | 12 ڊسمبر 2013 | 6 جولاءِ 2014 | 176 | لاهور هاءِ ڪورٽ | ممنون حسين |
22 | ناصر الملڪ | 7 جولاءِ 2014 | 16 آگسٽ 2015 | 435 | پشاور هاءِ ڪورٽ | |
23 | جواد ايس خواجه | 17 آگسٽ 2015 | 9 سيپٽمبر 2015 | 23 | لاهور هاءِ ڪورٽ | |
24 | انور ظهير جمالي | 10 سيپٽمبر 2015 | 30 ڊسمبر 2016 | 3,514 | سنڌ هاءِ ڪورٽ | |
25 | ميان ثاقب نثار | 31 ڊسمبر 2016 | 17 جنوري 2019 | 3,036 | لاهور هاءِ ڪورٽ |