چيئرمين پاڪستان جي سينيٽ
| |
---|---|
![]() | |
تعظيمي لقبَ | جناب چيئرمين ( غير رسمي: سينيٽ جي صدارت دوران) معزز چيئرمين (رسمن ) جناب صدر (ملڪ جي صدر جي عهدي تي ڪم ڪرڻ دوران ) |
مقرر ڪندڙ | سينيٽ جا ميمبر چونڊيندا آهن |
عھدي جي مدت | 3 years |
تشڪيل | پاڪستان جو آئين (12 اپريل 1973 ) |
اولين حامل | حبيب الله خان مروت (12 اپريل 1973 ) |
جانشين | صدر کان پوءِ ٻيون نمبر |
ويب سائيٽ | Chairman Senate |
چيئرمين، سينيٽ آف پاڪستان(انگريزي: Chairman of the Senate of Pakistan) : سينيٽ يا مٿئين ايوان جو صدر ھوندو آھي.[1] پاڪستان جي آئين مطابق چيئرمين ملڪ جي سينيٽ جو صدر ھوندو آھي ۽ پاڪستان جي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين ھر ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ چونڊيندي آھي[2] ملڪ ۾ صدر جي غير موجودگيءَ ۾ سينيٽ چيئرمين صدر جا فرض نڀائيندو آهي. اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن چيئرمين بہ موجود ناهي تہ اھا ذميداري قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سنڀاليندو آهي[3] اھڙي طرح صدر کان بعد اسپيڪر جو مقام رياستي سربراھي ۾ ٻيون نمبر ھوندو آھي.[4]