کوکر:
ھيءُ اصل ۾ راجپوت قبيلو آھي جيڪو پراڻي زماني کانپنجاب ۽ سنڌ پاڪستان ۾ رهائش پذير آهي. سنه 582ھ ( سنه 1186ع) ڌاري جڏھين قطب الدين ايبڪ سنڌ جو حاڪم ھو، تڏھين ڪي کوکر لاھور مان ڪاھي آيا ۽ قطب الدين جي پٽ شھاب الدين کي ماري وڌائون. وري سنه 796ھ (سنه 1393ع) ڌاري محمود شاه ولد ناصرالدين شيخا کوکر سان وڙھڻ لاءِ سارنگ خان کي موڪليو، جنھنلاھور ۾ اچي ھن کي شڪست ڏني. سنڌ جا کوکر به انھن کوکرن جي اولاد مان آھن.[1][2]