ڪامران Kamran | |
---|---|
شهزادو مغليه سلطنت | |
نصيرالدين همایون ڪامران مرزا کي ڪابل ۾ شڪست ڏيندي | |
نسل | ٻہ پٽ ۽ اور ٽي ڌيئرون |
گهراڻو | تيموري |
پيءُ | ظهيرالدين بابر |
ماءُ | گل رخ بيگم |
جنم | 1509 ڪابل، افغانستان |
لاڏاڻو | 5 آڪٽوبر 1557 مڪو، سعودي عرب |
مذھب | اسلام |
ڪامران مرزا (Kamran Mirza) مغليه سلطنت جي باني مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر جو ٻيون پٽ ھئو۔ ڪامران مرزا بابر جي زال گل رخ بيگم مان ڪابل ۾ پيدا ٿيو۔ ھو مغل تخت جي وارث نصيرالدین همایون جو ويڳو ڀاءُ ھئو، جڏنھن تہ بابر جو ٽيون پٽ عسڪري مرزا ان جو سڳو ڀاءُ ھئو.
ڪامران جا تعمير ڪيل اهم تعميراتي ڍانچا درياء راوي، لاهور، پاڪستان ۾ اڄ بہ موجود آھي جنهن کي ڪامران جي باره دري چيو ويندو آھي۔
جڏنھن تہ همايون تي پنھنجي باغي ڀاءُ کي سزاء موت ڏيڻ تي دٻاءُ هيو، پر هو ان ڳالهه تي قائل ٿي ويو تہ ان کي ڪجهہ سزا ڏني وڃي جنھن تي ان کي انڌو ڪيو ويو۔ ان کان پوء همايون حج جي لاء ڪامران کي مڪو روانو ڪيو جتي 1557ء ۾ هو انتقال ڪري ويو۔